جماعت اسلامي ڪراچي، ڪراچيءَ جي شاگردن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي، ڪراچي يونيورسٽيءَ کي 8 پوائنٽس بسن جو تحفو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فيڊرل بي ايريا جي شاگردن لاءِ الڳ پوائنٽ به شامل آهي.جيڪي قابل تحسين ڪم آھي . اها ڳالهه جماعت اسلامي ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ ۽ سنڌي ۽ اردو ادب جي ڪالم نگار سردار احمد تبسم گڏاڻي جن جماعت اسلامي ڪراچي ۽ امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان صاحب کي مبارڪباد ڏيندي ڪئي آھي .
هن چيو آھي ته امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان، ٽائون چيئرمنن جي موجودگيءَ ۾ وائس چانسلر ڪراچي يونيورسٽيءَ کي بسن جون چاٻيون پيش ڪيون.
سردار احمد تبسم گڏاڻي وڌيڪ چيو آھي ته جماعت اسلامي جو هي عمل ساراهه جوڳو ۽ قابل ذڪر خدمت آهي، ھن چيو آھي تہ جماعت اسلامي هميشه قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. هن امير جماعت اسلامي ڪراچي ۽ امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو آھي ته قوم جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف جماعت اسلامي ئي آهي.
جماعت اسلامي ڪراچيءَ جو جامع ڪراچي جي شاگردن لاءِ وڏو تحفو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
