سکر (ه.آ): عورتن کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ کان تحفظ، سندن قانوني حقن ۽ شڪايتن جي ازالي جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس سکر پاران ٽائون شپ واري علائقي ۾ قائم برائيٽ پبلڪ اسڪول ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ برائيٽ پبلڪ اسڪول، آمنه پبلڪ اسڪول ۽ حرا پبلڪ اسڪول جي استادن، عملي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سيمينار جو بنيادي مقصد عورتن کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ کان تحفظ واري قانون 2010ع تحت حاصل قانوني حقن، هراسان ڪرڻ جي نوعيت، شڪايتون داخل ڪرائڻ جي طريقيڪار ۽ قانوني تحفظ لاءِ موجود فورمن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، ته جيئن تعليمي ادارن سميت سمورن پيشه ورانه ماحول ۾ عورتن لاءِ تحفظ، احترام، برابري ۽ وقار کي يقيني بڻائي سگهجي.
سيمينار جي صدارت صوبائي محتسب سنڌ جي ڪنسلٽنٽ ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد اقبال آرائين ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن قانون جي اهم شقن، هراسان ڪرڻ جي قانوني وصف، ملازمن ۽ ادارن جي ذميوارين، شڪايت داخل ڪرائڻ جي طريقيڪار، انڪوائري ڪميٽي جي ڪردار ۽ قانون تحت ممڪن ڪارروائي جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي.
هن چيو ته ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ جي روڪٿام ۽ عورتن کي محفوظ ۽ باوقار ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو قانوني گهرج، پر هر اداري جي بنيادي ذميواري پڻ آهي. هن زور ڀريو ته هراسان ڪرڻ جي ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ متاثر عورت کي خاموش رهڻ بدران بنا ڪنهن خوف جي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ قانون تحت موجود شڪايتن جي ازالي واري نظام مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.
ان موقعي تي سيد منظور حسين شاهه شرڪت ڪندڙن کي صوبائي محتسب سنڌ جي اداري جي تنظيمي ڍانچي، دائري اختيار، مقصدن ۽ ذميوارين بابت آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته صوبائي محتسب سنڌ جو ادارو عورتن کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ لاڳاپيل شڪايتن جو قانوني طريقيڪار موجب ازالو ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم آهي، جتي متاثر ماڻهو پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا.
برائيٽ پبلڪ اسڪول جي پرنسپال فيصل کوسو، آمنه پبلڪ اسڪول جي پرنسپال مس تبسم ۽ حرا پبلڪ اسڪول جي پرنسپال مس انيڪا پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته اهڙي قسم جا آگاهي سيمينار تعليمي ادارن ۽ ٻين پيشه ورانه ماحول ۾ گڏيل احترام، برابري ۽ ذميواراڻن روين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
هنن وڌيڪ چيو ته اهڙا پروگرام عورتن کي پنهنجن حقن، قانوني تحفظ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ موجود طريقن بابت آگاهي ڏيڻ سان گڏ ادارن ۾ محفوظ ۽ باوقار ماحول قائم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا.
سيمينار جي پڄاڻيءَ تي سوالن ۽ جوابن جي نشست منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن قانون جي مختلف شقن، شڪايتون داخل ڪرائڻ جي طريقيڪار ۽ موجود قانوني تحفظ بابت سوال پڇيا، جن جا تفصيلي جواب ڏنا ويا.
شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ عورتن جي احترام، برابري، وقار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا ۽ ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکندا.
صوبائي محتسب سنڌ پاران سکر جي اسڪول ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ کان تحفظ واري قانون بابت آگاهي سيمينار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
