نوشهرو فيروز(ڊ ر)
سيشن جج کي بليڪ ميل ڪرڻ جي سازش سٽيندڙ اڳوڻو پ ٽ الف اڳواڻ ۽ ٽريزري ايجنٽ ايوب پٺاڻ گرفتار، اڄ آچر تي موري جي اسپيشل جج کان سندس ريمانڊ ورتو ويو. نوشهرو فيروز ماڊل ٿاڻي جي پوليس اڄ آچر ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل لالا ايوب پٺاڻ جو موري جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مئجسٽريٽ جناب مدد علي کوسي جي عدالت مان هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ورتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي تہ کيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز جناب امير علي مهيسر کي بليڪ ميل ڪري ڪروڙ روپيا گهرڻ جي سازش جوڙڻ بابت داخل ايف آئي آر نمبر 443/2026 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز جي نائب قاصد وزير احمد پٽ محمد پنڃل ڪلو فريادي طور ايف آئي آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تہ : 20 آڪٽوبر تي هو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج صاحب جي آفيس ٻاهران ڊيوٽي بيٺو هو ته هڪ شخص آيو جنهن کيس چيو ته هو حساس ادراي مان آيو آهي ۽ کيس صاحب سان ملڻو آهي، جنهن تي نائب قاصد کيس چيو تہ صاحب عدالت ۾ ڪيس هلائي رهيو آهي، واندو ٿئي تہ پوءِ توهان جو نياپو پهچايان ٿو. فريادي نائب قاصد موجب هن ان شخص کان نالو پڇيو، جنهن پنهنجو نالو لالا محمد ايوب پٺاڻ ٻڌايو ۽ وڌيڪ چيو ته : حساس اداري جو ماڻهو آهيان، اوهان پنهنجي صاحب کي چئو ته ڪو ماڻهو اوهان کي بليڪ ميل ڪري سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي رهيو آهي، ان جو اهو مسئلو مان هڪ ڪروڙ روپين عيوض ختم ڪرائي سگهان ٿو، ان رقم مان ڪجھ پيسا ان بليڪميلر کي ۽ ڪجھ پيسا حساس اداري جي آفيسرن کي ڏيندس، معاملو حل ٿيڻ بعد صاحب کيس جيڪا مٺائي ڏيندو هو اها قبول ڪندو. فريادي موجب هن کيس انتظار ڪرڻ جو چيو پر ڪجھ وقت بعد اهو لالا محمد ايوب پٺاڻ غائب ٿي ويو، تہ هن صاحب سان ڳالهه نہ ڪئي ۽ گهر وڃڻ بعد کيس خبر پئي ته لالا محمد ايوب پٺاڻ ڪنهن به حساس اداري جو ماڻهو ڪونهي. ياد رهي تہ لالا ايوب پٺاڻ پ ٽ الف ضلعي نوشھروفيروز جو اڳوڻو صدر ۽ ٽريزري آفيس جي ايجنٽ طور ڪري رهيو آهي.نوشهرو فيروز(ڊ ر)
سيشن جج کي بليڪ ميل ڪرڻ جي سازش سٽيندڙ اڳوڻو پ ٽ الف اڳواڻ ۽ ٽريزري ايجنٽ ايوب پٺاڻ گرفتار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
