ڏکڻ وزيرستان ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي سبب امن ڪميٽي جو سربراهه زخمي ٿي پيو آهي۔
ڊي پي او ارشد خان موجب ڏکڻ وزيرستان اپر جي تحصيل سرويڪئي جي علائقي برواند ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جو سربراهه قادم خان معمولي زخمي ٿي پيو۔
ڊي پي او ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ قادم خان جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو هو، ۽ کيس فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
