شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي، حڪومت سنڌ جي سرپرستي هيٺ شاندار ڪرڪيٽ ۽ فٽبال ميچ منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ رانديگرن شاندار راندين جو مظاهرو ڪيو ۽ زبردست داد حاصل ڪئي.
فرينڊز ڪلب 139 جو هدف ڏنو هو، ميرپورخاص ڪرڪيٽ اڪيڊمي 110 ٺاهڻ کان پوءِ آل آئوٽ ٿي وئي. ميرپورخاص فٽبال اڪيڊمي ۽ لاشاري فٽبال اڪيڊمي جي وچ ۾ ميچ کيڏيو ويو، ميرپورخاص فٽبال اڪيڊمي 3-1 سان ميدان ماري وئي
ان موقعي تي، ضلعي اسپورٽس آفيسر ميرپورخاص واشديو مالهي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي. ميچن جي آخر ۾، مهمان خاص فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ نقد انعام ورهايا، جڏهن ته منتظمين ۽ رانديگرن کي ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. پروگرام جي آخر ۾، پاڪستان جي ڏينهن جي خوشين کي وڌيڪ يادگار بڻائڻ لاءِ ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، جنهن ۾ سڀني معززين ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عبدالسليم خان، سليم بلوچ، امام بلوچ، رضي انصار، وسيم الدين ۽ ٻيا معززين پڻ موجود ه
ميرپورخاص: 23 مارچ پاڪستان جي ڏينهن جي موقعي تي،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
