روهڙي(رپورٽر)تحفظ لاءِ عدالتي پرڻو ڪندڙ جوڙو روهڙي پريس ڪلب پهچي ويو،مائٽن کان جان جو خطرو،مبينا هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جا الزام پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي اغوا نه ٿي آهي ڪارو ڪاريءَ جي الزام هيٺ قتل ٿيڻ جو خدشو آهي ماجده ۽ اصغر منگريو ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو جي ڳوٺ بازي پور جي رهواسڻ ماجده ڌيءَ ماجد منگريو،اصغر علي پٽ يوسف علي منگريو،رهواسي ڳوٺ سانول منگريو سان گڏ روهڙي پريس ڪلب پهچي پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اپيل ڪئي آهي ان موقعي تي ماجده الزام لڳائيندي چيو ته هن پنهنجي مرضيءَ ۽ رضامنديءَ سان اصغر علي منگريو سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي پر شاديءَ کان پوءِ سندس مائٽ ۽ ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو مبينا طور سندن دشمن بڻجي ويا آهن ۽ کين ڪارو ڪاريءَ جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو خطرو آهي ماجده موجب سندن گهرن تي مبينا طور بنا جواز پوليس چڙهائي ڪرائي وئي آهي جڏهن ته اغوا جا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ٻين مبينا ڪارروائين سبب سندس مائٽ ۽ ساهرن وارا سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن هن واضح ڪيو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو پر هن پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي پريمي جوڙي آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي ۽ لاڳاپيل ايس ايس پي سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي مبينا هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ وارن الزامن جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي جوڙي الزام لڳائيندي چيو ته جيڪڏهن کين ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ماجد علي منگريو،ستار منگريو،حسين منگريو،نصير منگريو ۽ سعيد منگريو هوندا ٻئي طرف نامزد ڪيل ماڻهن تي لڳايل الزامن جي آزاداڻي تصديق نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي سندن موقف سامهون اچي سگهيو آهي
