لاڙڪاڻ( رپورٽ عادل خان) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ 22 آڪٽومبر تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي نديم شيخ جي وارثن پاران مقابلي جڙتو قرار ڏيندي جاچ ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي ايڊووڪيٽ فياض شيخ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل 23 سيپٽمبر جي ڏينهن نامعلوم پوليس اهلڪارن درزڪو ڪم ڪندڙ منهنجي پورهيت ڀاءُ نديم شيخ کي رتوديرو جي مقامي عدالت مان حاضري تان واپسي دوران زبردستي کنڀي کڻي ويا، اهڙو اطلاع مان حد جي رتوديرو ٿاڻي تي ڏنو، پر پوليس واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، جنهن بعد مان مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت سڳوري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر ان باوجود رتوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او امام الدين چانڊيو ڪيس داخل نه ڪيو، جنهن کان پوءِ گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گذريل 13 آڪٽومبر تي ڀاءُ جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي سکر پوليس ڀاءُ جو ڪيترائي ڀيرا رمانڊ ورتو. هن الزام لڳايو ته گذريل 22 آڪٽومبر تي رمانڊ دوران ايس ايس پي سکر جي چوڻ تي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس منهنجي ڀاءُ نديم شيخ کي ڪوڙي مقابلي ۾ سيني ۾ 5 گوليون هڻي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، ان دوران پوليس ڀاءُ متعلق هڪ وڊيو جاري ڪئي ته هو سکر جي هڪ پيٽرول پمپ تان ڦر ڪري رهيو آهي، جنهن دوران هڪ ڄڻو قتل پڻ ٿيو هو، آئون ان وڊيو کي مڪمل طور تي رد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وڊيو ۾ ڄاڻايل شخص منهنجو ڀاءُ نه آهي ۽ هي سڀ پلان ٿيل هو بس منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ اهڙو ڊرامو رچايو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي جڙتو مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
