اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ ڪورنگي پريس ڪلب جي باني ۽ صدر ايم. اي. محمد رستم قادري جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد روسي سفارتخاني جي پريس سيڪريٽري مسٽر ايگور ليسنيڪوف سان اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن، صحافين جي وفدن جي هڪ ٻئي جي ملڪن ڏانهن دوري ۽ صحافتي شعبي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي پاڪستان ۽ روس جي صحافتي تنظيمن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، صحافين جي وفدن جي دوري، صحافين کي درپيش مسئلن جي حل ۽ تجربي جي ڏي وٺ بابت مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.
ملاقات دوران محنتي ۽ ذهين صحافين جي ٻارن لاءِ روس ۾ اسڪالرشپ ۽ جديد تعليمي موقعن جي فراهمي بابت پڻ تجويزون روسي اختيارين آڏو رکيون ويون. ان سان گڏ پاڪستاني شاگردن لاءِ روس جهڙي دوست ملڪ ۾ موجود تعليمي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ جديد روسي ٽيڪنالاجي مان پاڪستان کي لاڀ حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.
وفد طرفان صحافين لاءِ اسڪالرشپس، جديد تعليم جا موقعا، روسي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ، روسي صحافتي تنظيمن جي پاڪستان دوري ۽ پاڪستاني صحافتي تنظيمن جي روس دوري بابت تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪورنگي پريس ڪلب جي باني ۽ صدر ايم. اي. محمد رستم قادري روسي سفارتخاني جي پريس سيڪريٽري کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ جو خاص تحفو پيش ڪيو.
وفد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورنگي پريس ڪلب جا ايگزيڪيوٽو ميمبر جاويد انجم مسيح، ايگزيڪيوٽو ميمبر ميان غلام مرتضيٰ، پريس سيڪريٽري محمد حسن بن رستم ۽ ايف پي پي نيوز اسلام آباد جو بيورو چيف رانا محمد احسان شامل هئا.
روسي سفارتخاني جي پريس سيڪريٽري ۽ ٻين عملي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ملاقات ڪافي دير تائين جاري رهي، جنهن دوران مختلف تجويزن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ڪجهه تجويزون لکيت ۾ پڻ روسي اختيارين حوالي ڪيون ويون.
ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو ويو ته مستقبل ۾ روسي سفارتخاني جي سهڪار سان پاڪستان ۾ صحافين لاءِ ورڪشاپس، سيمينارز ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا.
