• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پوسٽ گريجوئيشن داخلائن جي آخري تاريخ 9 جولاءِ تائين وڌائي وئي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پوسٽ گريجوئيشن داخلائن جي آخري تاريخ 9 جولاءِ تائين وڌائي وئي

admin
Last updated: June 30, 2026 7:23 am
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار): سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظاميا پوسٽ گريجوئيشن ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي اميدوار 9 جولاءِ 2026 تائين پنهنجا داخلا فارم جمع ڪرائي سگهندا.

يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايم ايس سي، ايم ايس آءِ ٽي، ايم اِي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ اڳ مقرر ڪيل شيڊيول مان وڌائي 9 جولاءِ 2026 ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب، داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اها واڌ ڪئي وئي آهي، جيئن وڌيڪ اميدوار مقرر مدي اندر پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ماڻي سگهن.

پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڳاپيل پوسٽ گريجوئيشن ڊگري پروگرامن لاءِ انٽري ٽيسٽ 14 جولاءِ 2026 تي منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ صرف اهي اميدوار شرڪت ڪري سگهندا، جن مقرر ڪيل تاريخ تائين پنهنجا درخواست فارم مڪمل ڪري جمع ڪرايا هوندا.

يونيورسٽي انتظاميا سڀني خواهشمند اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران وقت سر پنهنجا فارم جمع ڪرائين ۽ داخلا جي عمل بابت وڌيڪ معلومات لاءِ يونيورسٽي جي لاڳاپيل شعبن يا سرڪاري ذريعن سان رابطو ۾ رهن.

انتظاميا موجب، پوسٽ گريجوئيشن پروگرامن ۾ داخلا ميرٽ جي بنياد تي ڏني ويندي، جڏهن ته انٽري ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ۽ ٻين مقرر ڪيل شرطن کي پورو ڪندڙ اميدوارن کي داخلا جي ايندڙ مرحلن لاءِ اهل قرار ڏنو ويندو. يونيورسٽي اميد ظاهر ڪئي آهي ته تاريخ ۾ واڌ سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم جا بهتر موقعا حاصل ٿيندا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article شادي دوران دلہن کي مليل سون جا زيور سندس ذاتي ملڪيت آهن، سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو
Next Article آن لائين حج پورٽل تي رجسٽريشن جو انگ ڏيڍ لک کان وڌي ويو، حج جو نظام مڪمل طور ڊجيٽل بڻائڻ جو اعلان
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي جدوجهد، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو روشن مثال هيون: رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ خالد حسين خاصخيلي

ميرپورخاص: بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي صوبائي صدر رئيس تاج…

October 23, 2026

بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي جدوجهد، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو روشن مثال هيون: رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ خالد حسين خاصخيلي

ميرپورخاص: بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي…

October 23, 2026

نوشهروفيروز ويجهو ڀريا باء پاس وٽ تير رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي هڪ ڄڻو فوت هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيا

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ويجهو ڀريا باء پاس…

October 23, 2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ خانگي ڪمپنيءَ ۾ معاهدو، زرعي پيداوار مان ويليو ايڊڊ خوراڪي شيون تيار ڪري عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ تي اتفاق

ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار) سنڌ زرعي…

October 23, 2026

عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس صدر ناز سولنگي جي صدارت ۾ منعقد

ڪوٽ ڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي ھاليپوٽو)…

October 23, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ پي ٽي آءِ فوج سان گڏ آهي: شوڪت يوسفزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف خيبرپختونخوا جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو…

2 Min Read
پاڪستان

ايوان صدر ۾ اهم اجلاس: صوبن جي مخالفت تي اسمارٽ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (اڱارو: 31 مارچ 2026ع) ايران، آمريڪا جنگ جي معاشي اثرن سبب ڪمزور طبقن کي بچائڻ ۽ معاشري طور…

5 Min Read
پاڪستان

‘مريم نواز سٺي لڳن ٿيون، الله هنن کي اهڙو ئي ٺاهيو آهي’، عظميٰ بخاري تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو

صوبي پنجاب جي وزير اطلاعات، عظميٰ بخاري، وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي لباس تي تنقيد ڪندڙ سوشل ميڊيا استعمال…

2 Min Read
پاڪستان

سنڌ ۾ هڪ ئي حڪومت هوندي، انهي کان سواءِ ٻئي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي: سعيد غني

سنڌ جي پورهئي ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ئي حڪومت هوندي، انهي…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?