• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سموري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ هندستان جي قبضي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سموري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ هندستان جي قبضي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

admin
Last updated: October 27, 2026 4:10 pm
admin
Share
SHARE

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) سموري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ هندستان جي قبضي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ۾ مک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جا خاص مهمان ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو هئا. ان موقعي تي قومي جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ اسڪول جي بينڊ ٽيم قومي ترانو وڄايو ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري چيو ته اسان هر سال هي ڏينهن ڪاري ڏينهن جي عنوان سان ملهائيندا آهيون ڇاڪاڻ ته هندستان غير قانوني آرٽيڪل لاڳو ڪري ڪشمير مٿان قبضو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي ڪشميرين پنهنجو حق آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. پاڪستان ڪشميرين سان هر موڙ تي گڏ آهي ۽ سندن سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشميري ڀائرن جي حمايت ڪندي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي ظلمن خلاف عالمي سطح تي به آواز اٿاريو آهي جنهن سان ڪشمير ڪاز وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسين ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن هندستان ڪشميرين مٿان غير قانوني نموني قبضو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪشميري پنهنجي حق خود اختياري ۽ هندستان کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، جنهن جو حق کين اقوام متحده جي قراردادن تحت حاصل آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو ڪشميري عوام آزادي حاصل ڪري وٺندو.
گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسيپل امتياز حسين جتوئي ڳالهائيندي چيو ته هي ڏينهن ان ظلم ۽ زيادتين خلاف ملهائي رهيا آهيون جيڪو هندستان ڪشميرين سان ڪري رهيو آهي، ڪشميري عوام حق تي آهي ۽ آزادي سندن بنيادي حق آهي ۽ ڪشميري اڄ ڏينهن تائين پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن.
ان بعد چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو کان سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبرري تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ پوليس، رينجرز، تعليم کاتي، سوشل ويلفيئير، اسٽيوٽا جي عملدارن، شهرين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ اسڪائوٽس وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ ۾ پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڪشميري ڀائرن سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي
Next Article سيوهڻ شريف ۾ ناٿا فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر رٽائرڊ برگيڊيئر سيد اقرار حسين شاهه، ناٿا فائونڊيشن جو دورو ڪيو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي…

November 6, 2026

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ…

November 6, 2026

لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾…

November 6, 2026

بلاول ڀٽو زرداري پاران انجنيئر مرحوم غلام قادر ميراڻي جي وفات تيالطاف حسين، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سان تعزيت

لاڙڪاڻورپورٽ عادل خان) پاڪستان پيپلز پارٽي…

November 6, 2026

سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو

شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور 27 آ ڪٽوبر ڪشميري عوام جي تاريخ ۾ اھم ڏينھن آھي جنھن کي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽

شڪارپور(مومن علي مهر)سنڌ حڪومت جي حڪم تحت سڄي ملڪ جيان ضلعي شڪارپور ۾ پڻ مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽…

2 Min Read
پاڪستان

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ضلعي جيڪب آباد جي مجلسِ عامله، تعلقن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جو گڏيل اجلاس

جيڪب آباد (رپورٽ عامر جان)جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ضلعي جيڪب آباد جي مجلسِ عامله، تعلقن جي…

2 Min Read
پاڪستان

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 25 سالن بعد ’’سارنگ‘‘ رسالو ٻيهر شايع

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ لڳ ڀڳ 25 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ شاگردن جو تاريخي رسالو ’’سارنگ‘‘ ٻيهر شايع…

3 Min Read
پاڪستان

گهرو وزير جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي ڏي وٺ

گهرو وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?