قمبر شهدادڪوٽ، (رپورٽ عادل خان )
ڪشميري ڀائرن سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي
سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ پاران به ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان اظهارِ يڪجهتيءَ طور گورنمينٽ بوائيز ھاءِ اسڪول قمبر کان ڀٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ مختلف سرڪاري ادارن جي عملدارن، تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن، اسڪولي شاگردن، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ خطاب ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشميري عوام جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينهن آهي، جنهن کي ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار ۽ سندن حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي حوالي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو آهي . هن چيو ته ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ڪشميرين جي حقن، امن ۽ انصاف لاءِ آواز بلند ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن هوندي به سندن همت، حوصلو ۽ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد قابلِ ذڪر آهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن جائز حقن جي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته اهڙن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڪشمير مسئلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ، ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو پيغام عام ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي سندن آواز کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان ڪڍيو وڃي.
