سکر (عادل خان)اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس صالح پٽ ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ سکر احمد علي قريشي جي صدارت هيٺ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي پنهنجا مسئلا ۽ شڪايتون لکت ۽ روبرو پيش ڪيون. کليل ڪچهري دوران شهرين علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بابت شڪايتون ڪندي ٻڌايو ته صالح پٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون گهربل سهولتون موجود ناهن، جڏهن ته اسپتال جي عمارت جي سهولت پڻ اڻلڀ آهي، جنهن سبب مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شهرين بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته علائقي ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن سبب ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ محسوس ڪن ٿا. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهميءَ جو مناسب انتظام ناهي، جڏهن ته اسڪولن ۾ پڻ پاڻيءَ جي سهولت موجود نه هجڻ سبب شاگردن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
