تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته جيستائين ڌمڪين ۽ پابندين ۾ عملي طور گهٽتائي نٿي آندي وڃي، تيستائين نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا نٿو ٿي سگهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني صدر چيو ته هڪ طرف پابندين ۽ دٻاءَ ۾ مسلسل واڌ ڪئي وڃي، رابطن جا رستا بند ڪيا وڃن ۽ ٻئي پاسي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي وڃي، ته اهڙي عمل جا اثرائتا نتيجا نٿا نڪري سگهن.
مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته ڌمڪين ۽ دٻاءَ جي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ڪا معنيٰ ناهي.
ڌمڪين ۽ دٻاءَ واري ماحول ۾ ڳالهين جي ڪا اهميت ناهي: ايراني صدر
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
