ٽنڊو ڄام (محبوب حسين بوزدار) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن ۽ پ پ اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ جي ڪوششن سان ڳوٺ صاحبڏنو خاصخيلي، يوسي 58، ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام ۾ رئيس محمد ايوب مگسي جي نگرانيءَ هيٺ پيور بلاڪ اسڪيم جو ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.پ پ اڳواڻ رئيس محمد ايوب مگسي ڳوٺ صاحبڏنو خاصخيلي پهچي جاري ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ڪم جي رفتار جو معائنو ڪيو.ن موقعي تي ڳوٺ صاحبڏنو خاصخيلي جي معزز برادري پاران ترقياتي ڪمن تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، راول شرجيل ميمڻ ۽ رئيس محمد ايوب مگسي جا ٿورا مڃيا.پ پ جو عزم، عوام جي خدمت ۽ علائقن جي ترقي!
شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي يوسي 58 ۾ پيور بلاڪ اسڪيم جو ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري
What’s your Reaction?
+1
1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
