لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) پيپلز پارٽي ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال جي هدايتن تي جعفري امام بارگاهه ريشم گلي جي مرڪزي، داخلي ۽ خارجي رستن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. ان حوالي سان چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال جو چوڻ آهي ته جعفري امام بارگاهه ريشم گلي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو مقصد امام بارگاهه ۾ ايندڙ نمازين ۽ عقيدتمندن جي حفاظت کي يقيني بڻائي علائقي جي عوام ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ جي نگراني جي نظام کي مزيد بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته پارٽي قيادت جي هدايتن تي ٽائون جي سمورن علائقن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائي روزاني جي بنياد تي صفائي سٿرائي جي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي.
