نوشهروفيروز ( رپورٽ عطا حسين)
ڊائريڪٽر انفارميشن شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد موسىٰ گوندل جي والد جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي، سماجي، انتظامي، صحافتي ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران تعزيت جو اظهار
ڊائريڪٽر انفارميشن شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد موسىٰ گوندل جي والد جي لاڏاڻي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز سهيل احمد عباسي، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ، ڊائريڪٽر انفارميشن سکر غلام عباس ڳوراھو، اڳوڻي ڊائريڪٽر انفارميشن سيد عظيم شاهه، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، جنرل مئنيجر مسلم ڪمرشل بئنڪ محمد اسلم بٽ، ريجنل هيڊ زرعي ترقياتي بئنڪ سيف الله ڪورائي، جنرل مئنيجر موٽروي آصف احمد ميمڻ ۽ اڳوڻي ايس ايس پي نثار احمد چنا سميت مختلف شخصيتن تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب نوابشاهه جي صدر محمد اسماعيل ڊومڪي، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راڄپر، پريس ڪلب ڀريا سٽي جي صدر رانا شير محمد، پريس ڪلب پڊعيدن جي سرپرست شڪيل احمد آرائين، بار ڪائونسل ڀريا جي اڳواڻ نثار احمد ملاح ايڊووڪيٽ، پير خالد سهروردي، ميان شفيق احمد راڄپر سميت نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظيرآباد جي صحافين ۽ ٻين معززين ڳوٺ غلام محمد گوندل پهچي محمد موسىٰ گوندل سان سندس والد جي وفات تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. تعزيت ڪندڙن مرحوم جي مغفرت، بلند درجات ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون.
ڊائريڪٽر انفارميشن شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد موسىٰ گوندل جي والد جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي، سماجي، انتظامي، صحافتي ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران تعزيت جو اظهار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
