نوشهرو فيروز (رپورت عطا حسين)
ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس، گريڊ 5 کان 15 تائين خالي جاين جا تفصيل جاب پورٽل تي اپلوڊ ڪري اشتهار ڏيڻ جون هدايتون. ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي . اجلاس دوران سڀني کاتن جي آفيسرن پنھنجن کاتن ۾ موجود خالي آسامين ۽ ان بابت ڪيل پيش رفت بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏني . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سڀني کاتن کي سندن کاتن ۾ خالي جاين تي ڀرتين جي عمل ۽ حڪومتي فيصلن تي عملدرآمد جي ھدايت ڪئي . ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي اھا پڻ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين خالي پيل سمورين پوسٽن جا تفصيل ۽ فهرستون مقرر ڪيل جاب پورٽل تي اپلوڊ ڪن ۽ ضابطن موجب انهن جاين جا اشتهار جاري ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻن ته جيئن اهل اميدوارن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ۽ ڀرتين جو عمل شفاف نموني اڳتي وڌائي سگهجي . ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حڪومتي فيصلي موجب ضلعي اندر مختلف کاتن ۾ موجود خالي جاين لاء ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جوڙي وئي آھي جنھن ذريعي خالي جاين تي نوڪريون ڏنيون ويندون . جنھن جو سربراه ڊپٽي ڪمشنر ھوندو ، جڏهن ته لاڳاپيل کاتي جو سربراهه ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي (SAGED) جو نمائندو ھن ڪميٽي ۾ شامل هوندا، جيڪي ڀرتين جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا . هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته خالي جاين بابت گهربل معلومات بروقت فراهم ڪن ته جيئن ڀرتين جي عمل ۾ دير کان بچي سگهجي ۽ ضلعي جي اهل نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن . اجلاس ۾ مختلف کاتن جي پيش رفت جو پڻ جائزو ورتو ويو . گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد مستقيم قريشي سميت سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي .
ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس، گريڊ 5 کان 15 تائين خالي جاين جا تفصيل جاب پورٽل تي اپلوڊ ڪري اشتهار ڏيڻ جون هدايتون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
