ڀرياسٽي ( ن پاڪ سوچ )
ڀرياسٽي ۾ بروهي برادري جي ڪکاڻن گهرن کي اوچتو باهه، لکين روپين جو نقصان، فائر برگيڊ نه پهچڻ تي متاثرن جون دانهون قومي شاھراھ ڀرسان آيان پيٽرول پمپ وٽ گھر پنهنجا ۾ بروهي برادري جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ٽن گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۔ باهه متاثرن ۾ غلام علي بروهي، حمزو خان بروهي سميت ٻيا شامل آهن. باهه لڳڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا،جڏهن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي وقت سر نه پهتي۔ متاثرن جو چوڻ هو ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو اوچتو گهر جي لوڙهي کي باهه لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي ٽن گهرن تائين پهچي وئي. ھنن ٻڌايو ته باهه سبب گهرن ۾ پيل 3 لک روپيا روڪ رقم، ٽي تولا سون، اناج، مال جو چارو، کٽون، هنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ نياڻين جي ڏاج جو سامان سميت سمورو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو۔ ھوڏانهن ٽائون عملي رابطي تي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو اطلاع مليو آهي، نوشهروفيروز مان فائر برگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ رواني ٿي رهي آهي. واقعي سبب متاثر خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل جڏهن ته متاثرن پاران واس وارن کان نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو آھي
ڀرياسٽي ۾ بروهي برادري جي ڪکاڻن گهرن کي اوچتو باهه، لکين روپين جو نقصان، فائر برگيڊ نه پهچڻ تي متاثرن جون دانهون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
