رپورٽ خدابخش چوھاڻ
ميرپورخاص:ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص ساجد امير سدوزئي* جي حڪمن تي ميرپورخاص پوليس پاران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي.
ان سلسلي ۾
انچارج سي آءِ اي انسپيڪٽر ذيشان علي لاشاري ۽ اي ايس آءِ عبدالسلام انڙ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڳجهي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪندي اغوا ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار عامر علي بروهي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ مينهو بروهي، تعلقو سنڌڙي جي رهواسڻ مسمات راشده بروهي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو هو. پوليس ڪارروائي دوران جوابدار کي 30 بور پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو.
اغوا واري واقعي جو ڪيس ٿاڻي وومين تي FIR نمبر 41/2026، قلم 365، 452، 34 پي پي سي ۽ 3(11) TIP Act 2018 تحت داخل ٿيل آهي، جڏهن ته جوابدار ٿاڻو لطيف آباد، اي سيڪشن حيدرآباد ۾ داخل ڦر جي ڪيس FIR نمبر 407/2024، قلم 397، 34 پي پي سي ۾ پڻ گهربل ۽ روپوش هو.
ان کان علاوه برآمد ٿيل هٿيار بابت ٿاڻو ٽائون تي FIR نمبر 157/2026، قلم 24 سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته گرفتار جوابدار ميرپورخاص، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ڦرلٽ، ڌاڙن ۽ غيرقانوني هٿيارن جي مختلف ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪو آهي.
گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ٻين ڏوهن ۾ سندس ممڪنه ملوث هجڻ بابت پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي.
