بدين ڊ ر محفوظ شاه
بدين ڀارتي جيلن مان آزاد ٿيل ماهيگيرن جي وارثن حوالي ڪرڻ ۽ مالي سهائتا ۾ فشر فوڪ فورم ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو اهم ڪردار
بدين: پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي وائيس چيئرپرسن محترمه فاطمه مجيد ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين جي مسلسل جدوجهد ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ڀارتي جيلن مان آزادي ماڻيندڙ بدين واسي محبوب علي ملاح سميت آزاد ٿيل سمورن پاڪستاني ماهيگيرن جي قانوني گهرجن ۽ دستاويزي ڪارروائي مڪمل ڪرائي کين وارثن حوالي ڪيو ويو. آزاد ٿيل ماهيگيرن جي گلن جا هار پارائي شاندار آجيان پڻ ڪئي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محترمه فاطمه مجيد چيو ته جڏهن به ڀارتي حڪومت پاڪستاني ماهيگيرن جي آزادي جو اعلان ڪندي آهي ته کين واگها بارڊر تي لاڳاپيل سرڪاري ۽ سيڪيورٽي ادارن حوالي ڪيو ويندو آهي، جتان فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي سان رابطو ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته آزاد ٿيندڙن ۾ ٻين ملڪن جا ماهيگير به شامل هوندا آهن.
هن چيو ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران آزاد ٿيل پاڪستاني ماهيگيرن جي سڃاڻپ جي تصديق ۽ ضروري دستاويزي ڪارروائي مڪمل ڪرائي ويندي آهي، جنهن بعد کين لاهور کان ڪراچي تائين ايڌي فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويندو آهي. ڪراچي ۾ ايڌي فائونڊيشن کان ماهيگيرن کي وصول ڪري سندن وارثن تائين پهچايو ويندو آهي.
محترمه فاطمه مجيد وڌيڪ چيو ته ماهيگيرن کي رڳو وارثن حوالي ڪرڻ تائين محدود نٿا رهن، پر سندن ٻچن جي سار سنڀال ۽ ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي مالي سهائتا پڻ ڪئي ويندي آهي، جيئن اهي خاندان مشڪل حالتن مان نڪري سگهن.
هن چيو ته ماهيگير ملڪ جي معيشت ۽ سامونڊي وسيلن سان جڙيل هڪ محنت ڪش طبقو آهن، سندن ڏکئي وقت ۾ مالڪي ڪرڻ، قانوني مدد فراهم ڪرڻ ۽ خاندانن جي سهائتا ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي.
آخر ۾ محترمه فاطمه مجيد آزاد ٿيل ماهيگيرن جي خوشيءَ ۾ شريڪ سمورن سهڪار ڪندڙ ادارن ۽ ٽيم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ماهيگيرن جي حقن جي تحفظ، سندن مالڪي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
بدين ڀارتي جيلن مان آزاد ٿيل ماهيگيرن جي وارثن حوالي ڪرڻ ۽ مالي سهائتا ۾ فشر فوڪ فورم ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو اهم ڪردار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
