سکر(رپورث ماجد محمود) سکر ۾ متاثر شهري جو بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف 7 ڏينهن به احتجاج جاري، انصاف نه ملڻ تي احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ،سکر جي رهواسي حاجي محمد بخش مهر پاران ڪراچي جي بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي قرآن پاڪ رکي 7 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو. متاثر شهري الزام هنيو آهي ته بلڊر ڏاتار خان چانڊيو کان ڪراچي ۾ 10 ڪروڙ رپين جا پلاٽ خريد ڪرڻ جي معاملي ۾ ساڻس مبينا طور فراڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا به واپس نه ڪيا پيا وڃن.احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي محمد بخش مهر ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ پراپرٽي جي خريد ۽ فروخت جو ڪاروبار ڪندو هو. سال 2016ع دوران هن بلڊر ڏاتار خان چانڊيو کان 10 ڪروڙ رپين جا پلاٽ خريد ڪرڻ جو معاملو طئي ڪيو، جنهن سلسلي ۾ هن بلڊر کي هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ادا ڪيا هئا. سندس چوڻ موجب بلڊر طرفان کيس ڪجهه فائلون پڻ ڏنيون ويون، جيڪي بعد ۾ سندس دعويٰ موجب جعلي ثابت ٿيون.هن الزام لڳايو ته فائلون جعلي ثابت ٿيڻ کانپوءِ هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ڏنل رقم واپس ڪرڻ لاءِ بلڊر سان رابطو ڪيو، پر بلڊر رقم واپس ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هو ڪيترن ئي سالن کان سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
حاجي محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته هن معاملي بابت پنهنجي برادري جي سردارن، معززين ۽ ٻين نيڪ مردن کي به دانهن ڏني ۽ ڪيترائي ڀيرا فيصلا ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون، پر ايترو عرصو گذرڻ باوجود سندس مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي حق ۽ انصاف لاءِ مختلف وقتن تي احتجاج به ڪيا آهن، پر اڃا تائين ڪوبه سندس فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.هن چيو ته هاڻي مجبور ٿي سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو قرآن پاڪ رکي مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جي جمع پونجي مبينا طور فراڊ ذريعي ڦري وئي آهي.متاثر شهري حاجي محمد بخش مهر سنڌ حڪومت، اعليٰ اختيارين، پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي، سندس مبينا طور فراڊ ذريعي ورتل هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا واپس ڪرايا وڃن ۽ ملوث ڌرين خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کيس جلد انصاف فراهم ڪري رقم واپس نه ڪرائي وئي ته هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿيندو.
سکر جي رهواسي حاجي محمد بخش مهر پاران ڪراچي جي بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي قرآن پاڪ رکي 7 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
