ٽاؤن ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي يو سي 14 جو هڪ انتهائي اهم، جامع ۽ تفصيلي دورو ڪيو۔ هن دوري جو بنيادي مقصد علائقي ۾ جاري نيڪالِ آب (سيوريج) جي مسئلن جو سڌو سنئون جائزو وٺڻ، جاري ڪم جي نگراني ڪرڻ ۽ انهن جي فوري، اثرائتي ۽ پائيدار حل کي يقيني بڻائڻ هو۔ دوري دوران چيئرمين يو سي جي مختلف علائقن، گهٽين ۽ اهم هنڌن جو معائنو ڪيو ۽ نيڪالِ آب جي نظام جي موجوده صورتحال جو نهايت بارڪيءَ سان جائزو ورتو۔
دوري دوران وڏي انگ ۾ علائقي جا رهواسي موجود هئا، جن چيئرمين جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ پنهنجا مسئلا پيش ڪيا۔ عوام مختلف هنڌن جي نشاندهي ڪندي ٻڌايو ته ڪٿي ڪٿي سيوريج لائينون بند آهن ۽ ڪهڙن علائقن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي۔ چيئرمين حاجي نواز علي بروهي وڏي توجهه، خلوص ۽ سنجيدگي سان عوام جا مسئلا ٻڌا، هر شڪايت پاڻ نوٽ ڪئي ۽ انهن جي حل لاءِ موقعي تي ئي هدايتون جاري ڪيون۔
هن موقعي تي چيئرمين لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي کي سختي سان هدايت ڪئي ته سيوريج سان لاڳاپيل سڀ مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن هدايت ڪئي ته جتي جتي سيوريج لائينون بند آهن، انهن کي فوري طور کوليو وڃي، بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ متاثر علائقن ۾ صفائي سٿرائي جا فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام کي ترت رليف ملي سگهي ۽ بيمارين جي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي۔
ان کان علاوه، چيئرمين انهن هنڌن جو به معائنو ڪيو جتي اڳ ۾ سيوريج جو ڪم جاري هو، ۽ ڪم جي معيار، رفتار ۽ شفافيت جو جائزو ورتو۔ هن عملي کي هدايت ڪئي ته جاري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان کي اعليٰ معيار مطابق وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي جلدي رليف ملي سگهي۔
چيئرمين منگھوپير ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔ هن چيو ته هو پاڻ انهن سڀني ڪمن جي نگراني ڪندو ته جيئن هر منصوبو شفاف، وقت سر ۽ معياري طريقي سان مڪمل ٿئي ۽ ان جا فائدا سڌو سنئون عوام تائين پهچن۔ هن وڌيڪ چيو ته يو سي 14 جي ڪنهن به علائقي کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ سڀني مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي۔
آخر ۾ چيئرمين حاجي نواز علي بروهي علائقي جي رهواسين کي مڪمل خاطري ڪرائي ته سيوريج سان لاڳاپيل سڀ شڪايتون جلد حل ڪيون وينديون ۽ نيڪالِ آب جي نظام کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ اثرائتا ۽ پائيدار قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي صاف، صحتمند ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي۔
ٽاؤن ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپيراطلاعات ۽ تعلقاتِ عامه کاتو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
