• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سيڪريٽري اوقاف، زڪوات عشر ۽ مذهبي امور کاتي جي سيڪريٽري جو ڊاڪٽر زينت عيساڻي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (ٽونٽي بيڊ هاسپيٽل شڪارپور) جو دورو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سيڪريٽري اوقاف، زڪوات عشر ۽ مذهبي امور کاتي جي سيڪريٽري جو ڊاڪٽر زينت عيساڻي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (ٽونٽي بيڊ هاسپيٽل شڪارپور) جو دورو

admin
Last updated: November 1, 2026 7:48 pm
admin
Share
SHARE

شڪارپور (رپورٽ: مومن علي مهر)
سيڪريٽري اوقاف، زڪوات عشر ۽ مذهبي امور کاتي جي سيڪريٽري جو ڊاڪٽر زينت عيساڻي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (ٽونٽي بيڊ هاسپيٽل شڪارپور) جو دورو.
سيڪريٽري اوقاف آغا فاخر حسين جو شڪارپور جي قديم درگاهن ۽ تاريخي مسجدن جو تفصيلي دورو، زبون حال عمارتن جي فوري مرمت ۽ قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم تفصيل موجب سيڪريٽري اوقاف، زڪوات عشر ۽ مذهبي امور کاتي جي سيڪريٽري آغا فاخر حسين جو ڊاڪٽر زينت عيساڻي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (ٽونٽي بيڊ هاسپيٽل شڪارپور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين لوڪل زڪوات عشر ڪاميٽي شڪارپور عمران ناپر، عبدالحفيظ منگي، ڊسٽرڪٽ مئنيجر اوقاف وقف پراپرٽي سکر اعجاز احمد چنه ۽ اطلاعات کاتي جو نمائندو عبدالغفار ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر/ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر نجيب احمد شاهه بخاري سيڪريٽري آغا فاخر حسين کي اين آءِ سي يو، آءِ سي يو، ايمرجنسي، ايم آر آءِ، سٽي اسڪين، ايڪسري، الٽراسائونڊ، ميموگرافي وارڊن جو تفصيلي دورو ڪرايو. سيڪريٽري اوقاف، زڪوات، عشر ۽ مذهبي امور آغا فاخر حسين شڪارپور جي درگاهه سيد حاجي عبداللطيف شاهه جيلاني، 400 سالا قديمي جيلاني مسجد ۽ شاهي جامع مسجد لکيدر جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس اڳوڻو صوبائي وزير اوقاف ۽ همايون شريف جو گادي نشين پير ميان عبدالباقي، مفتي شفيق احمد قادري، ڊسٽرڪٽ خطيب اوقاف علامه حبيب احمد قادري، جامع مسجد لکيدر جي خطيب مفتي محمد صديق قادري ۽ مولانا مسعود احمد قادري پڻ گڏ هئا. دوري دوران سيڪريٽري آغا فاخر حسين درگاهه سيد حاجي عبداللطيف شاهه جيلاني تي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. ان کان پوءِ هن درگاهه ۽ قديمي مسجد جو تفصيلي معائنو ڪيو، جتي عمارتن جي زبون حال حالت، ڇتين، ڀتين ۽ ڇت جي شهتيرن کي نقصان پهچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي آغا فاخر حسين چيو ته درگاهه ۽ 400 سالا قديمي جيلاني مسجد جي حالت انتهائي خراب آهي. عمارتن جون ڇتيون، ڀتيون ۽ شهتير ايتري قدر متاثر ٿي چڪا آهن، جو انهن کي ٽيڪا ڏئي سهارو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته هي انتهائي نازڪ معاملو آهي، تنهنڪري ضروري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري تعمير ۽ مرمت جو ڪم بنا دير شروع ڪرايو وڃي، جيئن تاريخي عمارتن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. ان کان پوءِ سيڪريٽري اوقاف شڪارپور جي مشهور شاهي جامع مسجد لکيدر جو دورو ڪيو. هن مسجد جي خطرناڪ حد تائين زبون حال حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ضروري ڪاغذي ڪارروائي جلد مڪمل ڪري تعمير ۽ مرمت جو ڪم فوري طور شروع ڪرايو وڃي. آغا فاخر حسين چيو ته شاهي جامع مسجد لکيدر شڪارپور جي تاريخي سڃاڻپ ۽ مذهبي ورثي جو اهم حصو آهي، جتي شهر جا رهواسي ۽ ٻاهران ايندڙ زائرين ۽ مسافر نماز ادا ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا آهن. تنهنڪري مسجد جي حفاظت ۽ بحاليءَ کي اوليت ڏني وڃي ۽ ان جي تعمير جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. سيڪريٽري آغا فاخر حسين وڌيڪ چيو ته درگاهه سيد حاجي عبداللطيف شاهه جيلاني ۽ درگاهه آمين الدين شاهه چشتي جي ملڪيتن تي ٿيل قبضا فوري طور ختم ڪرايا ويندا ۽ لاڳاپيل ملڪيتون واپس درگاهن ۽ مسجدن جي حوالي ڪيون وينديون، جيئن انهن جي اصل مقصد تحت حفاظت ۽ استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. دوري جو مقصد تاريخي ۽ مذهبي ورثي جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ، زبون حال عمارتن جي بحاليءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ ۽ درگاهن جي ملڪيتن کي قبضي کان آجو ڪرائڻ هو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سکر جي رهواسي حاجي محمد بخش مهر پاران ڪراچي جي بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي قرآن پاڪ رکي 7 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو
Next Article آواز ادب فورم پاران رياض عمراني جي نئين ڪتاب ”رمزون روح جون“ جي مهورت تقريب منعقد
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي…

November 6, 2026

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ…

November 6, 2026

لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾…

November 6, 2026

بلاول ڀٽو زرداري پاران انجنيئر مرحوم غلام قادر ميراڻي جي وفات تيالطاف حسين، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سان تعزيت

لاڙڪاڻورپورٽ عادل خان) پاڪستان پيپلز پارٽي…

November 6, 2026

سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو

شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سنڌ ۾ پاڪستان جو پهريون ڊيجيٽل انشورنس مانيٽرنگ سسٽم فعال، گاڏي جي ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار

سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر گاڏي جي ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي…

2 Min Read
پاڪستان

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه ملهائي وئي

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه ملهائي وئي. پُوري مُلڪ ۾ پيپلزپارٽي پاران تقريبُون منعقد ڪيُون ويون،…

1 Min Read
پاڪستان

بدين ۾ انسدادِ پوليو مهم جي شروعات جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ، ايس ايس پي بدين سان گڏ بدين شهر، تلھار ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ قائم پوليو ويڪسينيشن سينٽرن جا دورا ڪري مهم تحت جاري سرگرمين جو جائزو ورتو

بدين  (ڊ ر محفوظ شاه )بدين ۾ انسدادِ پوليو مهم جي شروعات جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر زارا…

1 Min Read

پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ پي پي ايڇ آءِ جو ڪردار پڻ انتهائي اهم آهي،ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد

بدين (رپورٽ محفوظ شاھ) ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي جو…

5 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?