ڪراچي (رپورٽ ذوالفقار علي)ڪراچي / سکر (پهرين نومبر): سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري سيڪريٽري آغا فاخر حسين دراني پاران ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر زڪوات سکر ڊويزن جي آفيس ۾ لاڳاپيل ضلعي ٽيمن سان گڏ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي وئي، جنهن ۾ کاتي جي ڪارڪردگي، عوامي ڀلائي ۽ بهبود جي قدمن تي ترقي ۽ زڪوات سان لاڳاپيل پروگرامن تي عمل ڪرائڻ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو اجلاس دوران زڪوات فنڊن جي استعمال ۽ ورڇ، مستحقن کي مالي مدد جي فراهمي، ضلعي ۽ مقامي زڪوات ڪميٽين جي ڪارڪردگي، صحت جي شعبي ۾ مالي مدد، ۽ مالي ۽ انتظامي ضابطن تي عمل ڪرائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
سيڪريٽري اوقاف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مستحق ماڻهن جي منظور ٿيل ڪيسن تي وقتائتي ڪارروائي، مخصوص فنڊن جو صحيح استعمال، مڪمل مالي رڪارڊ جي تياري، ۽ لاڳاپيل قانونن ۽ ضابطن تي سختيءَ سان عمل کي يقيني بڻايو وڃي هن شفافيت، جوابدهي ۽ اثرائتي نگرانيءَ جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته زڪوات جي امداد اصل مستحقن تائين پهچائڻ لاءِ تمام ضروري انتظامي قدم کنيا وڃن اجلاس ۾ ٻين انتظامي معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته دير ڪرڻ جي صورت ۾ معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ قانون ۽ کاتي جي پاليسيءَ موجب گهربل ڪارروائيءَ لاءِ تازيون رپورٽون پيش ڪيون وڃن.ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ پاران عوامي شڪايتن جي وقتائتي ازالي، انتظامي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ سرڪاري خدمتن جي فراهميءَ ۾ بهتريءَ بابت جاري ڪيل هدايتن کان پڻ عملدارن کي آگاهه ڪيو.هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته التوا ۾ پيل عوامي رڪاوٽن ۽ مسئلن کي پنهنجي قانوني اختيارن تحت حل ڪيو وڃي ۽ عوام کي اثرائتي، شفاف ۽ وقتائتي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
سيڪريٽري اوقاف پاران هدايتون جاري ڪيون ويون ته عوام جي ڀلائي و بهبود سان لاڳاپيل خدمتون اثرائتي، شفاف ۽ لاڳاپيل قانوني ضابطن موجب فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته معاشري جي مستحق ۽ ڪمزور طبقن جي ضرورتن تي خاص توجهه ڏني وڃي.
اجلاس ۾ چيئرمين ڊسٽرڪٽ زڪوات ۽ عشر ڪميٽي شڪارپور عمران علي ناپر، ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر زڪوات سکر ڊويزن صدرالدين سومرو، ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر زڪوات سکر رفيق احمد بلوچ، ڊسٽرڪٽ زڪوات آفيسرن ضمير اعجاز ميمڻ، محمد سليم تنواري، نياز احمد شيخ ۽ غلام ياسين عباسيءَ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن ۽ اوقاف کاتي جي اختيارين شرڪت ڪئي
سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
