حيدرآباد (رپورٽ محبوب حسين بزداربيوروسندھ ) ٽنڊوڄام هاءِ اسڪول نمبر ون ٽنڊوڄام مان 1986ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ هم جماعت دوستن پاران پنهنجي ٻن پياري ۽ پراڻن ساٿين، استاد نظير احمد جمالي ۽ استاد غلام سرور سيال جي وڇوڙي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ريسٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مرحومين جي وارثن سميت ڪراچي ۽ ٻين ڏورانهن علائقن مان آيل هم جماعت دوستن وڏي محبت ۽ عقيدت سان شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مرحومين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙ دوستن پنهنجي وڇڙي ويل ساٿين جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن، علمي ۽ تدريسي خدمتن، اعليٰ اخلاق، دوستاڻن روين ۽ سماج لاءِ ڪيل مثبت ڪمن کي ياد ڪندي کين شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي تعزيتي ميڙاڪي ۾ دوستن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪول جي زماني کان قائم ٿيل دوستيءَ جا رشتا زندگيءَ جي ڪيترن ئي ڏهاڪن گذرڻ باوجود اڄ به محبت، خلوص ۽ پنهنجائپ سان قائم آهن. استاد نظير احمد جمالي ۽ استاد غلام سرور سيال پنهنجي سڄي ڄمار علم جي روشني پکيڙڻ، نسلن جي تربيت ڪرڻ ۽ دوستيءَ جا ناتا نڀائڻ ۾ گذاري. ٻنهي ساٿين جو وڇوڙو نه رڳو سندن خاندانن پر 1986ع جي سموري هم جماعتن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. سندن شخصيتون، محبتون، گڏ گذاريل گهڙيون ۽ يادگار لمحا هميشه دوستن جي دلين ۾ زنده رهندا. هنن وڌيڪ چيو ته زندگيءَ جي مصروفيتن باوجود پراڻن دوستن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ پنهنجي وڇڙي ويل ساٿين کي ياد ڪرڻ محبت، وفاداري ۽ دوستيءَ جي لازوال رشتي جو خوبصورت مثال آهي.تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال سان لاڳاپيل ڊاڪٽر سهيل وسطڙو، سپريم ڪورٽ جي وڪيل اسلم پرويز سپيو، ڊاڪٽر مقصود ميمڻ، شبير ساگر سنڌي، نواب طالب حسين، نواب اصغر لغاري، بشير احمد ڀٽو، سيٺ نند لال، سڪندر جمالي، انور ڪليري، اسلم ڪليري، خان سوٽهڙ، تنوير سيال سميت ٻين دوستن شرڪت ڪئي.پروگرام جي پڄاڻيءَ تي مرحومين جي مغفرت، بلند درجات ۽ پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي، جڏهن ته سندن ايصالِ ثواب لاءِ ننگر پڻ ورهايو ويو. ان موقعي تي هم جماعت دوستن وچ ۾ پراڻيون يادون تازيون ٿيون ۽ وڇڙي ويل ساٿين جي ياد ۾ محبت ۽ عقيدت جا جذبا پڻ ڀرپور نموني ظاهر ٿيا.
