حيدرآباد( محبوب حسين بوزدار بيوروسنڌھ ) حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي صدر نديم احمد صديقي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ هوٽلنگ ۽ ريسٽورنٽ جي ڪاروبار کي گئس جي محدود فراهمي ۽ ايل اين جي جي وڌندڙ قيمتن سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس جي فراهمي جو وقت ڪاروباري ضرورتن لاءِ ڪافي ناهي، جڏهن ته ڪجهه واپاري ماڻهن موجب کين روزانو مشڪل سان ڇهه ڪلاڪ گئس ملي رهي آهي. ٻئي طرف ايل اين جي جي فراهمي ۾ پڻ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ ڪاروباري حلقن جي شڪايتن موجب اها مقرر ڪيل قيمتن کان گهڻي وڌيڪ اگهه تي حاصل ڪرڻي پئجي رهي آهي، جنهن تي اثرائتي نگراني ۽ چيڪ اينڊ بيلنس جي ضرورت آهي. چيمبر جي صدر چيو ته گئس جي محدود فراهمي سان گڏ ايل اين جي جي قيمتن ۾ تازو اضافو پڻ هوٽلنگ ۽ ريسٽورنٽ جي ڪاروبار تي اضافي مالي بار وجهي رهيو آهي. چيمبر جي صدر نديم احمد صديقي انهن خيالن جو اظهار حاجي محفوظ شيرمال جي روحِ روان ۽ چيمبر جي سينيئر نائب صدر محمد فهد ميان جي دعوت تي لطيف آباد، حيدرآباد ۾ دهلي محفوظ شيرمال جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو، جتي هو وفد سان گڏ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي خرچن ۾ اضافي ۽ گئس جي محدود دستيابي سبب ڪاروباري ادارن لاءِ پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هوٽلنگ ۽ ريسٽورنٽ جي شعبي لاءِ گئس جي فراهمي جو وقت وڌائڻ، ايل اين جي جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۽ ان جي قيمتن ۽ وڪري جي نظام تي اثرائتي نگراني لاءِ فوري قدم کڻن. چيمبر جي صدر مطالبو ڪيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني هوٽلن، ريسٽورنٽن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاروبارن کي گئس جي فراهمي ۾ خاص رعايت ڏئي ۽ کين روزانو گهٽ ۾ گهٽ 16 ڪلاڪ گئس فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب شيڊول جوڙيو وڃي. نديم احمد صديقي حيدرآباد ۾ ڪاروباري سرگرمين جي واڌ کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪاروبار ۽ صنعت جو ڦيٿو هلندو رهندو ته ملڪ جي معيشت پڻ مستحڪم ٿيندي. هن مقامي ڪاروبارن جي ترقي ۽ واپارين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ چيمبر پاران ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. تقريب ۾ چيمبر جي نائب صدر عرفان عاربياني، اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سينيئر ميمبرن کان علاوه حيدرآباد جي سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري اڳواڻن ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.
