• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ يوٿ اينڊ اسپورٽس پاليسي 2026ع بابت مشاورتي اجلاس، شاگردن جي ڀرپور شرڪت
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ يوٿ اينڊ اسپورٽس پاليسي 2026ع بابت مشاورتي اجلاس، شاگردن جي ڀرپور شرڪت

admin
Last updated: November 2, 2026 11:30 am
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار ںبیوروسندھ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ يوٿ اينڊ اسپورٽس پاليسي 2026ع بابت صلاحڪاري ويھڪ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي تعليم، روزگار، ڪاروبار، راندين ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ بابت پنهنجا ويچار توڙي ۽ تجويزون پيش ڪيون، اجلاس ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، کين پاليسي جوڙڻ واري عمل ۾ شامل ڪرڻ ۽ صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ سندن ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي اسٽوڊنٽس ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام (اسٽيپ) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته نوجوان سماجي تبديلي، معاشي ترقي، زرعي جدت ۽ پائيدار ترقيءَ جي بنيادي سگهه آهن، تنهنڪري پاليسي جوڙڻ ۽ فيصلا سازيءَ جي عمل ۾ سندن بامعنيٰ شرڪت لازمي آهي، هن چيو ته يونيورسٽين جي ذميواري آهي ته معياري تعليم، تحقيق، عملي تربيت ۽ قيادت جي صلاحيتن کي هٿي ڏئي نوجوانن کي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن، هن خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي نوجوانن لاءِ زرعي ڪاروبار، خوراڪ جي تحفظ، جديد زرعي طريقن ۽ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نوجوانن کي رڳو ترقياتي پروگرامن مان فائدو حاصل ڪندڙ نه، پر جدت، قيادت ۽ فيصلا سازيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ ڀائيوار طور تسليم ڪرڻ گهرجي. هن نوجوان عورتن، ٻهراڙيءَ جي آبادي ۽ گهٽ نمائندگي رکندڙ طبقن کي پڻ ترقياتي پروگرامن ۽ پاليسي جوڙڻ واري عمل ۾ اثرائتا موقعا فراهم ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ يوٿ اينڊ اسپورٽس پاليسي 2026ع جي صلاحڪار خالد اسحاق پاليسي جي مقصدن ۽ اهم نڪتن تي روشني وجهندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت، سنڌ يوٿ پاليسي 2018ع جو جائزو وٺي نئين پاليسي جوڙي رهي آهي، جنهن لاءِ آبادي بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين ايف پي اي) پاران فني سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نئين پاليسي کي نوجوانن جي حقيقي ضرورتن ۽ اميدن موجب بڻائڻ لاءِ شاگردن جا رايا، تجربا ۽ سفارشون شامل ڪرڻ ضروري آهن، صلاحڪاري اجلاس ۾ فني مهارتن جي واڌاري، نوجوانن جي قيادت، صحت ۽ ڀلائي، ڊجيٽل جدت، موسمياتي تبديلي، راندين جي سهولتن ۽ ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سوالن ۽ جوابن واري نشست ۾ شاگردن بيروزگاري، روزگار ۽ پيشورانه موقعن جي کوٽ، تعليمي نظام ۽ مارڪيٽ جي گهرجن ۾ فرق، توڙي نوجوانن جي شروع ڪيل منصوبن لاءِ ادارتي سهڪار وڌائڻ بابت پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون پيش ڪيون، اجلاس جي پڄاڻيءَ تي يونيورسٽين، سرڪاري کاتن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ نوجوانن جي تنظيمن وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، ته جيئن شاگردن جا رايا ۽ سفارشون سنڌ يوٿ اينڊ اسپورٽس پاليسي 2026ع جي تياريءَ ۾ اثرائتي نموني شامل ڪري سگهجن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article کاھي جي مشهور ٽيلر وسيم رحماني کان ميرپورخاص  ويندي رستي ۾ موٽرسائيڪل  روڪ رقم ڦر
Next Article ملاح برادرئ جي نوجوان حيدرملاح جي پوليس هٿان گرفتارئ کانپوء  کيبراڻي ٿاڻي جي حد خاصخيلي واٽر تي پوليس ۽ ملاح برادرئ ۾  جهيڙو ملاح برادرئ جي ماڻهن  پاران رڪاوٽون وجهي نيشنل هاء وي بند ڪيو ويو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي…

November 6, 2026

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ…

November 6, 2026

لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾…

November 6, 2026

بلاول ڀٽو زرداري پاران انجنيئر مرحوم غلام قادر ميراڻي جي وفات تيالطاف حسين، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سان تعزيت

لاڙڪاڻورپورٽ عادل خان) پاڪستان پيپلز پارٽي…

November 6, 2026

سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو

شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ايوان صدر ۾ اهم اجلاس: صوبن جي مخالفت تي اسمارٽ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (اڱارو: 31 مارچ 2026ع) ايران، آمريڪا جنگ جي معاشي اثرن سبب ڪمزور طبقن کي بچائڻ ۽ معاشري طور…

5 Min Read
پاڪستان

ڪراچي ۾ سردي ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ موسم سڪي رهڻ ۽ صبح جي وقت ڌند ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.

محڪمه موسميات موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سڪي رهندو ۽ رات جو موسم ٿڌڙو رهندو، جڏهن ته شهر ۾…

1 Min Read
پاڪستان

محسن نقوي ۽ آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر وچ ۾ اهم ملاقات، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه

1 Min Read
پاڪستان

ڊونلڊ ٽرمپ غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم کي شرڪت جي دعوت ڏني: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي مطابق، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?