• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ايوان صدر ۾ اهم اجلاس: صوبن جي مخالفت تي اسمارٽ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ايوان صدر ۾ اهم اجلاس: صوبن جي مخالفت تي اسمارٽ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو

admin
Last updated: March 31, 2026 9:38 am
admin
Share
SHARE

اسلام آباد: (اڱارو: 31 مارچ 2026ع) ايران، آمريڪا جنگ جي معاشي اثرن سبب ڪمزور طبقن کي بچائڻ ۽ معاشري طور تي پوئتي پيل ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ سومر تي ايوان صدر ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي، توانائي ۽ سيڪيورٽي چيلنجز جو جائزو ورتو ويو.

سومر تي ايوان صدر ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير، چئني صوبن  جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، قومي سلامتي جو صلاحڪار ۽ سينئر اختياريون به موجود هيون.

اجلاس ۾ مهانگائي جي دٻاءُ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڏني وئي، تيل، گيس جي سپلاءِ تي دٻاءُ جي باوجود ايندهن جي دستيابي کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي جي تجويز کي رد ڪئي وئي.

ڪفايت شعاري پاليسي جي تحت سرڪاري خرچن ۾ نمايان گهٽتائي جي هدايت ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ وفاق طرفان ٻه هفتيوار موڪلون، ڇنڇر ۽ آچر تي ملڪ گير سمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز تي غور ٿيو ته جيئن ملڪ ۾ تيل جي کهپت کي روڪي سگهجي پر انهي ۾ ڪجهه شرڪت ڪندڙن جي راءِ هئي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب پيداواري سرگرميون متاثر ٿينديون ۽ برآمدات تي منفر اثر پوندو، صوبن جي تجويز اسمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز تي عمل نه  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اجلاس ۾ اها دلچسپ حقيقت به سامهون آئي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود ملڪ ۾ تيل جي کهپت ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي جنهن تي اطلاعات واري وزارت کي چيو ويو ته بحراني ڪيفيت کي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي شعور جي آگاهي لاءِ منظم مهم هلائي وڃي ته جيئن ماڻهو پنهنجو لائف اسٽائل تبديل ڪن. صدر آصف علي زرداري عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ شيئرڊ موبيلٽي جي استعمال جي ترغيب ڏيڻ جي به هدايت ڏني. اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال جا پاڪستان جي معيشت ۽ فوڊ  سيڪيورٽي تي اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ چئني صوبن سان گڏوگڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد جمون، ڪشمير جي حڪومتن جي طرفان قيمتن جي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ، ضروري سامان جي دستيابي کي يقيني بنائڻ ۽ عوام تي  پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جنهن سبب هڪ مضبوط قومي رد عمل کي ممڪن بنائي سگهجي ٿو.

اجلاس ۾ يقين ڏياريو ويو ته عالمي بحران جي باوجود وقت تي فيصلن سبب ايندهن جي فراهمي ۾ ڪابه رنڊڪ نه آئي ۽ ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ في الحال ايندهن جو وڏو ذخيرو موجود آهي جنهن جا مستقبل جي لاءِ به انتظام جاري آهن.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس کي حڪومت جي فعال سفارتي پهچ جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر جي قيادت سان گڏوگڏ تڪرار ۾ ملوث ماڻهن جي اڳواڻن سان انهن جون تازيون مصروفيتون به شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم طرفان تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويزن کي ڪيترائي ڀيرا رد ڪيو ويو آهي ۽ ڪفايت شعاري جي ذريعي بچايل فنڊز کي عوامي رليف کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

هوڏانهن صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف سومر تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کان علاوه قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفتيننٽ جنرل عاصم ملڪ به موجود هو.

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ گڏيل ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال پاڪستان تي اثرن جو جائزو ورتو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي اهم دوري تي چين روانو
Next Article ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاهه ڄاموٽ،
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪارن جي نماز جنازه ادا

ڪراچي: ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي دوران شهيد ٿيل پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي اهلڪارن جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي. ڀارتي…

1 Min Read
پاڪستان

دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جو اهم فيصلو اڄ، 30 مارچ 2026 تي دادو ڪورٽ ۾ ٻڌايو ويو

. ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر جا سڀ نامزد ماڻهو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته…

2 Min Read
پاڪستان

پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملن بابت ڀارت جو بيان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي انفراسٽرڪچر تي حملن بابت جاري ڪيل بيان کي…

1 Min Read
پاڪستان

سهيل آفريدي پاڪستان جو يورپ ڏسڻ لاهور آيو آهي: عظميٰ بخاري

لاهور پنجاب جي سڌ سماءُ واري عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پاڪستان جو “يورپ…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?