• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي نوجوانن کي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تربيت، ”اسان تيار آهيون“ جي سري هيٺ ورڪشاپ منعقد
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي نوجوانن کي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تربيت، ”اسان تيار آهيون“ جي سري هيٺ ورڪشاپ منعقد

admin
Last updated: November 4, 2026 9:55 am
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار) موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ماحولياتي تحفظ ۽ محفوظ معاشري جي جوڙجڪ ۾ نوجوان نسل جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي گرين يوٿ موومينٽ (GYM) ڪلب پاران فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۾ ”تيار“ (TAYAR) پروگرام تحت تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور شرڪت ڪئي، ورڪشاپ جو مقصد نوجوانن کي عملي قدم کڻڻ ۽ مشڪلاتن توڙي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ هو. ان موقعي تي موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري ۽ مقامي برادرين ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه وڌائڻ بابت آگاهي ڏني وئي، ورڪشاپ کي خطاب ڪندي فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته موسمياتي تبديليون هڪ اهم عالمي چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، گڏيل ۽ منظم قدم کڻڻ لازمي آهن. هن ٻيلن جي واڍي ۽ صنعتي سرگرمين مان خارج ٿيندڙ دونهين ۽ گئسن کي ماحولياتي تبديلين جا اهم سبب قرار ڏيندي وڻڪاري، وڻن جي حفاظت، قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ ماحول دوست طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي هر شهري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي. رڳو ٻوٽا پوکڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي بقا ۽ بهتر واڌ ويجهه لاءِ لڳاتار سار سنڀال پڻ ضروري آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ماحولياتي تحفظ بابت شعور کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪن ۽ پنهنجين برادرين کي محفوظ بڻائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن، ان موقعي تي گرين يوٿ موومينٽ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد جاويد شيخ، جڏهن ته ڪلب جي ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عبدالوحيد سولنگي ۽ ڊاڪٽر مهرالنساءِ رئيس موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تيارين ۽ برادريءَ جي سطح تي نوجوانن جي شموليت بابت ليڪچر ڏنا. مقررن قدرتي آفتن جا خطرا گهٽائڻ ۽ محفوظ توڙي مضبوط معاشرن جي جوڙجڪ لاءِ نوجوانن جي عملي شرڪت جي اهميت اجاگر ڪئي، ”اسان تيار آهيون“ جي نعري هيٺ منعقد ڪيل هن ورڪشاپ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري، گڏيل ذميواري ۽ نوجوانن جي بامقصد شموليت کي خاص اهميت ڏني وئي،ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article گئس لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر سبب حيدرآباد جي چوڙين ٺاهڻ واري صنعت سان لاڳاپيل ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار خطري ۾ آهي، صدر حيدرآباد چيمبر نديم احمد صديقي
Next Article ٽنڊوڄام شهر ۾ دڪانن جي حد کان ٻاهر تجاوزات، ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو، پيدل هلندڙ شهرين کي سخت تڪليف
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي…

November 6, 2026

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ…

November 6, 2026

لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾…

November 6, 2026

بلاول ڀٽو زرداري پاران انجنيئر مرحوم غلام قادر ميراڻي جي وفات تيالطاف حسين، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سان تعزيت

لاڙڪاڻورپورٽ عادل خان) پاڪستان پيپلز پارٽي…

November 6, 2026

سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو

شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

حيدرآباد: انٽرميڊيئيٽ امتحانن جي پوزيشن هولڊرن ۾ ميڊلز، روڪ رقم ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

شهبا‌ز هال ۾ حيدرآباد تعليمي بورڊ جي انٽرميڊيئيٽ سالياني امتحانن 2026ع ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي…

1 Min Read
پاڪستان

پي ٽي آءِ ختم ٿي چڪي، عمران خان تباهيءَ جا منظر پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي: کيئل داس ڪوهستاني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پارٽي ختم…

1 Min Read
پاڪستان

ڀاڻوٺ ڀرسان خاصخيلي برادري جي معزز شخصيت جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، تعزيت جو سلسلو جاري

شیعہ علماء ڪائونسل پاڪستان صوبائي نائب صدر سنڌ برادرقربان علي حيدري پنھنجو ھي بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ھي…

1 Min Read
پاڪستان

ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهڻ، مختلف علائقن ۾ هلڪي بونداباندي جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهندو، جڏهن ته شهر جي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?