• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: نبي سر روڊ رورل هيلٿ سينٽر ۾ بنيادي طبي سهولتن ۽ ضروري دوائن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

نبي سر روڊ رورل هيلٿ سينٽر ۾ بنيادي طبي سهولتن ۽ ضروري دوائن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن

admin
Last updated: November 22, 2026 9:08 am
admin
Share
SHARE

ميرپورخاص (رپورٽ خدا بخش چوھاڻ) نبي سر روڊ رورل هيلٿ سينٽر ۾ بنيادي طبي سهولتن ۽ ضروري دوائن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. لکين رپين جي بجيٽ باوجود اسپتال ۾ حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ مريضن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ لاءِ به گهربل دوائون ۽ انجيڪشن موجود نه هجڻ صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن.نبي سر روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روڊ حادثن جو شڪار ٿيندڙ زخمين کي جڏهن علاج ۽ فرسٽ ايڊ لاءِ رورل هيلٿ سينٽر آندو وڃي ٿو ته اتي ضروري دوائن، انجيڪشنن ۽ طبي سامان جي کوٽ سبب مريضن جي وارثن کي پنهنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري ٻاهران دوائون ۽ انجيڪشن خريد ڪرڻا پون ٿا.شهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ جيڪڏهن زخمين کي بنيادي انجيڪشن ۽ دوائون به نٿيون ملن ته پوءِ لکين رپين جي بجيٽ آخر ڪهڙي ڪم لاءِ خرچ ڪئي پئي وڃي؟ دوائن جي کوٽ سان گڏ مبينا طور غير تربيت يافته عملي ۽ ناقص انتظامن سبب به مريضن کي سخت تڪليفن ۽ دير جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو.تازو روزاني جائزو  اخبار جي رپورٽر عمران علي سان پڻ نبي سر روڊ تي روڊ حادثو پيش آيو، جنهن کي فرسٽ ايڊ لاءِ نبي سر روڊ هيلٿ سينٽر پهچايو ويو، جتي کيس به دوائن جي کوٽ ۽ ٻين طبي سهولتن جي اڻهوند سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.عوامي حلقن سوال اٿاريو آهي ته اسپتال لاءِ مختص ٿيندڙ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟ دوائن جي خريداري ۽ فراهمي جي نگراني ڪير ڪري رهيو آهي؟ حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ مريضن کي جيڪڏهن بروقت فرسٽ ايڊ به نٿي ملي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟علائقي واسين سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير، سيڪريٽري صحت، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ۽ ڊي ايڇ او ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته نبي سر روڊ رورل هيلٿ سينٽر جي صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي اوچتو دورو ڪيو وڃي، دوائن جي خريداري ۽ بجيٽ جي استعمال جي جاچ ڪرائي وڃي، عملي جي حاضري ۽ قابليت چيڪ ڪئي وڃي ۽ غفلت ڪندڙ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.عوام جو مطالبو آهي ته نبي سر روڊ رورل هيلٿ سينٽر کي صرف ڪاغذن ۾ نه پر عملي طور فعال بڻائي مريضن کي مفت دوائون، انجيڪشن ۽ هنگامي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته انساني زندگيون ڪنهن به بجيٽ ۽ سرڪاري دعوائن کان وڌيڪ اهم آهن.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڊاڪٽر اياز علي سٺيو کي ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون ۽ دعائون ٿا ڏيون
Next Article سنڌ جي ورهاڱي ۽ وحدانيت تي پهرين به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ،ايڊووڪيٽ عبدالحسين  مري
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين ۾ اسڪول سطح تي…

November 25, 2026

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين…

November 25, 2026

بدين لاڙ ڪيمپس بدين ۾ لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع، آءِ ٽي نمائش ۽ علمي سرگرمين جو شاندار انعقاد

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

بدين  پنهنجي جواني وطن جي دفاع لاءِ ارپيندڙ رٽائرڊ آرمي پرسن پوري قوم لاءِ قابل فخر ۽ قابل احترام آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

شڪارپور ۾ٿاڻي دائم ملڪ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ذوالفقار عرف ڪٽو ميراني کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو

            شڪارپور(رپورٽ عابدتبسم)                   شڪارپور۾ٿاڻي دائم ملڪ…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

”خيبر پخونخوا جي دهشتگرديءَ جا اثر ٻين علائقن تائين پکڙجڻ جو خدشو آهي“ شازيه مري خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جا لڳاتار…

1 Min Read
پاڪستان

يونيورسٽي انتظاميا کي ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ درخواست ڏني وئي آهي ،وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيڪ محمد

لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد علي سولنگي) آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي چيئرمين ۽ دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي…

4 Min Read
پاڪستان

پنوعاقل لائبرري پنوعاقل ۾ ٻالڪ ادبي فورم يونٽ پنوعاقل پاران ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي 30 ھين  سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ واري ھڪ تقريب

سکر (رپورٽ عبد الجبار نوناري)پنوعاقل لائبرري پنوعاقل ۾ ٻالڪ ادبي فورم يونٽ پنوعاقل پاران ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي 30…

3 Min Read
پاڪستان

دادو پوليس جون ڪارروايون، چوري ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ روپوش 4 جوابدار گرفتار، هڪ مسروقہ موٽرسائيڪل پڻ هٿ

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽرمختيار علي جتوئي)دادو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي سنگين ڏوهن ۾…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?