نوشهروفيروز(رپورٽ عطا حسين )نوشهروفيروز ۾ هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ڏياري جي مناسبت سان يڪجهتيءَ ۽ ڀائيچاري جي اظهار لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هندو ڪميونٽي جي خوشين ۾ شرڪت ڪندي انهن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو.تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي صدر سهيل اختر عباسي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فاروق ڀنڀرو، سماجي اڳواڻ زويا لاڙڪ، پ پ اڳواڻ مصري مل، چيئرمين ٽائون ڪميٽي پڊعيدن شيخ ڪبير، ايڊووڪيٽ اربيلو اوڏ، راجيش ڪمار مارواڙي ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ سميت ٻين سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڏياري جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن هندو برادري کي ڏڻ جون مبارڪون ڏيندي سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب دوران گڏيل هم آهنگي، ڀائيچاري، محبت ۽ مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.ان موقعي تي مقررن چيو ته ڏياري خوشين، محبت ۽ روشنيءَ جو ڏڻ آهي، سنڌ جي ڌرتي صدين کان امن، محبت، مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي سڃاڻپ رهي آهي، هندو برادري سميت سمورين اقليتن کي برابر جا حق حاصل آهن ۽ سندن خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.
نوشهروفيروز ۾ هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ڏياري جي مناسبت سان يڪجهتيءَ ۽ ڀائيچاري جي اظهار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
