لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي پاڙي جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي مبينا طور قتل ٿي ويل عورت جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورهيت نوجوان عمران علي ميراڻي پنهنجي سئوٽ بلاول، ڀيڻيوي منير علي ميراڻي، ڀيڻ عزره، ڀاڻيجي ردا ميراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 30 آڪٽومبر تي ملڪيت جي معاملي تان منهنجي ڀيڻ غلام ڪبريٰ کي سندس مڙس محمد جمن ميربحر پنهنجي پٽ فدا حسين، ڀائٽي راحب، مائٽ ساجد ميربحر ۽ ٻين سان گڏجي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد سندس لاش يونيورسٽي ٿاڻي جي حد جتوئي ڳوٺ وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي اسان پهچي ڀيڻ جو لاش وصول ڪيوسين، پر پوليس اسان کان پڇڻ بغير سرڪار جي فرياد تي واقعي جو ڪيس نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان پاران ڄاڻايل جوابدارن مٿان اسان جي فرياد تي ڀيڻ جي قتل جو ڪيس داخل ڪندي کين گرفتار ڪري مقتولا جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
