لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي ايف بي آر کاتي جي ننڍي ملازم طرفان بااثر ڄاٽي جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ننڍي ملازم ديدار علي ڀٽو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 7 سال اڳ مان پنهنجي نياڻي ثمينه جي شادي پاڙي واسي مائٽ ياسين ڀٽو سان ڪرائي هئي، جنهن مان کيس ٻن ٻار جي اولاد پڻ اٿس. هن الزام لڳايو ته شادي کان پوءِ بااثر ڄاٽو ياسين ڀٽو منهنجي نياڻي ثمينه مٿان مسلسل تشدد ڪندو رهندو هيو ۽ کيس گهر جو خرچ پڻ نه ڏيندو هو، جنهن تازو 10 ڏينهن اڳ نياڻي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪا هن وقت مونسان گڏ رهندي آهي، اهڙي دانهن مان حد جي دڙي ٿاڻي تي ڏني، پر پوليس هن وقت تائين بااثر خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي، ويتر بااثر ڄاٽي پاران اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ڄاٽي خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ اسان کي تحفظ مهيا ڪري انصاف ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي ايف بي آر کاتي جي ننڍي ملازم طرفان بااثر ڄاٽي جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
