لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ لايرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ لاڙڪاڻو پاران پنهنجي معزز الاٽيز ميمبرن ۽ پلاٽن جي الاٽيز کي پلاٽن جو عملي قبضو ڏيڻ جو عمل ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جيڪو سوسائٽيءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ۽ ميمبرن سان ڪيل واعدن جي تڪميل آهي. تفصيل موجب سال 1994ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پاران اوٺا چوڪ کا اڳ باءِ پاس وٽ وڪيلن کي وڪيل ڪالوني جي ليز پلان ڏني وئي هئي، جنهن جو مقصد وڪيل برادري کي پنهنجي رهائش لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ هو. ان تاريخي منصوبي جي شروعات ۽ تڪميل لاءِ سدا حيات محمد اياز سومرو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ وڪيلن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪئي. انهيءَ خواب کي عملي جامو پهرائڻ ۽ منزل تائين پهچائڻ ۾ سدا حيات محمد اياز سومرو جي ڀاءُ، پراڻي ساٿي ۽ لايرز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين ايڊووڪيٽ اعجاز احمد لغاري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جن پنهنجي محنت، عزم، جذبي ۽ قيادت ذريعي ميمبرن کي سندن پلاٽن جو عملي قبضو ڏيڻ وارو اهم مرحلو مڪمل ڪرايو. ان موقعي تي چيئرمين ايڊووڪيٽ اعجاز احمد لغاري چيو ته سوسائٽي جي ميمبرن سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ميمبرن جو اعتماد برقرار رکندي سوسائٽي جي ترقي، شفافيت، بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ڪاميابي تي سمورن معزز الاٽيز ۽ سندن خاندانن کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي، جڏهن ته اميد ظاهر ڪئي وئي ته پلاٽن جو قبضو ملڻ سان ميمبرن ۽ سندن خاندانن لاءِ خوشحالي، ترقي ۽ خوشين جي نئين شروعات ٿيندي. جيڪي واعدا ڪيا انهن کي نڀائيندي اعتماد سان ترقيءَ ڏانهن هڪ ٻيو قدم آهي.
