نوشهروفيروز(رپورٽ عطا حسين)فشريز کاتي جي رٽائرڊ ملازم جو پينشن ۽ رهيل فنڊ جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج فشريز کاتي جي رٽائرڊ ملازم محمد مٺل پنهور پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته مان ٽي سال اڳ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو آهيان، پر اڃا تائين ٽريزري آفيس جا عملدار منهنجي پينشن ۽ ٻيا رهيل فنڊ جاري نٿا ڪن
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي جائز مسئلي جي حل لاءِ محتسب اعليٰ وٽ درخواست پڻ جمع ڪرائي آهي، جنهن تي محتسب اعليٰ پاران ٽريزري آفيسر ۽ لاڳاپيل عملي کان جواب طلب ڪرڻ لاءِ ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
احتجاج ڪندڙ محمد مٺل پنهور الزام لڳايو ته شفيع عالمائي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار مبينا طور رشوت کانسواءِ سندس پينشن جاري نٿا ڪنهن اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي سندس پينشن ۽ رهيل فنڊ بنا ڪنهن دير جي جاري ڪرايا وڃن
فشريز کاتي جي رٽائرڊ ملازم جو پينشن ۽ رهيل فنڊ جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
