• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ خانگي تحقيقي اداري پاران پاڪستان جو پهريون عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ خانگي تحقيقي اداري پاران پاڪستان جو پهريون عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

admin
Last updated: November 19, 2026 1:48 pm
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام خانگي تحقيقي اداري 360 اي جي سرچ جي سهڪار سان پاڪستان جو پهريون عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عورت آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ، مقامي ۽ ناياب ٻجن جو تحفظ، زرعي جينياتي وسيلن جي بحالي ۽ پائيدار توڙي ماحول دوست زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي ادارن وچ ۾ ٽن سالن جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن، مفاهمتي يادداشت تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي تحقيق، جدت ۽ واپاري ترقيءَ واري آفيس (اورڪ) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آسيا اڪبر پنھور ۽ 360 اي جي سرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حمود احمد صديقي صحيحون ڪيون، ان موقعي تي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، شاگردن ۽ استادن جي سهڪار واري پروگرام (اسٽيپ) جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، شڪيل احمد، ڊاڪٽر محمودہ ٻرڙو، ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، معاهدي تحت عورتن جي سربراھي ۾ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪئي ويندي، جتي ديسي، موروثي ۽ ناياب ٻجن جي حفاظت، واڌاري، مٽاسٽا ۽ معياري ٻج جي پيداوار تي ڪم ڪيو ويندو، ان منصوبي ذريعي عورت آبادگارن کي ٻجن جي تحفظ، جديد زرعي طريقن ۽ فني تربيت جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ته جيئن اهي زرعي ترقيءَ جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ معاشي طور پڻ خودمختيار بڻجي سگهن، مفاهمتي يادداشت ۾ ”ٻج کان ٻج“ ۽ ”نسل کان نسل“ جي تصورن کي خاص اهميت ڏني وئي آهي، جن تحت مقامي ۽ ناياب ٻجن جي زرعي ورثي کي محفوظ ڪري ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪيو ويندو. ان کان علاوه زرعي جينياتي وسيلن جي بحالي ۽ اهڙن فصلن جي قسمن کي هٿي ڏني ويندي، جيڪي ڏڪار، سخت گرمي، زمين جي کاراڻ ۽ ٻوڏ جهڙن موسمياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ته جيئن خوراڪ جي تحفظ ۽ زرعي تنوع کي هٿي ملي سگهي، معاهدي تحت عورتن کي ڪڪڙ پالڻ، کير جي پيداوار ۽ مالونداريءَ جي شعبن ۾ پڻ فني سهڪار ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ عورتن لاءِ روزگار ۽ آمدنيءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا، ان موقعي تي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته مقامي ٻجن ۽ زرعي جينياتي وسيلن جو تحفظ مستقبل ۾ خوراڪ جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته عورت آبادگارن کي ٻجن جي تحفظ، جديد زرعي طريقن ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي فراهم ڪرڻ سان نه رڳو سندن معاشي خودمختياري وڌندي، پر مجموعي زرعي نظام پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيندو، وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين ۽ خانگي زرعي تحقيقي ادارن وچ ۾ سهڪار سان تحقيقي نتيجن کي عملي ميدان تائين پهچائڻ ۽ آبادگارن کي جديد سائنسي ڄاڻ ۽ فني رهنمائي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان خطي ۾ پائيدار زراعت کي هٿي ملندي، تقريب دوران حمود احمد صديقي وائيس چانسلر کي ناياب ٻجن جا نمونا پيش ڪيا، جيڪي زرعي جينياتي ورثي جي تحفظ جي علامت هئا، جڏهن ته وائيس چانسلر پاران 360 اي جي سرچ جي ٽيم کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ ۽ سارنگ رسالا پيش ڪيا ويا، معاهدي تحت سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر محمودا ٻرڙو، جڏهن ته 360 اي جي سرچ پاران حمود احمد صديقي کي گڏيل سرگرمين جي نگراني ۽ هم آهنگي لاءِ ذميوار مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻنهي ادارن وچ ۾ رابطي ۽ گڏيل منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندا.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ايمان آرٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن ڄامشورو سنڌڀائو بخشل راهپوٽو سان هڪ يادگار ۽ خوبصورت رهاڻ منعقد ڪئي وئي
Next Article عالمي ٻارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾ آگاهي ريلي، ٻارن جي حقن جي تحفظ، تعليم، صحت ۽ محفوظ مستقبل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بلوچ محمدن فٽبال ڪلب لاڙڪاڻو ۽ الشهباز فٽبال ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بلوچ محمدن ڪلب جي ٽيم مقرر وقت ۾ هڪ گول ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن طرفان اسپورٽس اينڊ يوٿ…

November 26, 2026

بلوچ محمدن فٽبال ڪلب لاڙڪاڻو ۽ الشهباز فٽبال ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بلوچ محمدن ڪلب جي ٽيم مقرر وقت ۾ هڪ گول ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن…

November 26, 2026

اڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي…

November 26, 2026

ادب شعبو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي سهڪار سان ڀٽائي ادبي حال ۾ سائنس جي دنيا جي وڏي نالي پروفيسر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي جو مصنوعي ذهانت سائنسي انقلاب يا انسانيت لاءِ خطرو جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو،

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ عوامي…

November 26, 2026

ضلعي سکر ۾ پوليو کان بچاءَ جي مهم 12 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر 2026ع تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ اجلاس

سکر  (رپور ٽ احمد علي) ضلعي…

November 26, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

شرجيل انعام ميمڻ جي راھوڪي ۾ چونڊ تڪ جي عوام سان ملاقات، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

شرجيل انعام ميمڻ جي راھوڪي ۾ چونڊ تڪ جي عوام سان ملاقات، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري حيدرآباد: سنڌ جي…

3 Min Read
پاڪستان

اپوزيشن پاڻ ڳالهين واري عمل کان ڌار ٿي، ٻاهرين اثر رسوخ سبب ڳالهيون متاثر ٿيون: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ…

1 Min Read
پاڪستان

يروشلم ۾ مسجد اقصيٰ ڀرسان حضرت عيسيٰ جي دور جا 2 هزار سال پراڻا مذهبي غسل خانا دريافت

دنيا جي قديم تهذيبن ۾ اهڙا ڪيترائي مذهبي رواج ۽ رسمون موجود رهيون آهن، جن جا نشان اڄ به زمين…

1 Min Read
پاڪستان

سانگهڙ جي باصلاحيت نياڻي ڊاڪٽر فاريا لغاري جو شاندار استقبال، شهرين فخر جو اظهار ڪيو

سانگهڙ(رپورٽ غلام رسول ناريجو )سانگهڙ جي باصلاحيت نياڻي ڊاڪٽر فاريا لغاري جو شاندار استقبال، شهرين فخر جو اظهار ڪيو تفصيل…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?