• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: عالمي ٻارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾ آگاهي ريلي، ٻارن جي حقن جي تحفظ، تعليم، صحت ۽ محفوظ مستقبل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

عالمي ٻارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾ آگاهي ريلي، ٻارن جي حقن جي تحفظ، تعليم، صحت ۽ محفوظ مستقبل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار

admin
Last updated: November 19, 2026 1:51 pm
admin
Share
SHARE

سکر (رپورٽ ذوالفقار علي)عالمي ٻارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايڊ منسٽريشن سکر ۽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي گڏيل سهڪار سان آگاهي ريلي ميو نسپل اسٽيڊيم کان پريس ڪلب سکر تائين ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ماجد علي ماڪو ۽ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل ڪئي. ريلي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، نمائندن، سماجي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ٻارن جي حقن جي تحفظ، معياري تعليم، بهتر صحت، محفوظ ماحول ۽ خوشحال مستقبل جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اهو پيغام ڏنو ويو ته هر ٻار کي محفوظ، صحتمند، تعليم يافته ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. ريلي جو مک نعرو ”منهنجو ڏينهن، منهنجا حق، منهنجو مستقبل“ هو، جنهن ذريعي ٻارن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ٻارن کي تشدد، استحصال، متڀيد ۽ ٻين سماجي مسئلن کان محفوظ رکڻ لاءِ آگاهي ۽ عملي قدمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ماجد علي ماڪو ۽ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل خطاب ڪندي چيو ته عالمي ٻارن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو بنيادي مقصد ٻارن جي حقن جو تحفظ، معياري تعليم جي فراهمي، صحت جون بهتر سهولتون، محفوظ ماحول ۽ ٻارن جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هنن چيو ته ٻار ڪنهن به معاشري جو قيمتي اثاثو ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. سندن بهتر تعليم ۽ تربيت، صحت، حفاظت ۽ بنيادي حقن جي فراهمي حڪومت، والدين ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. ٻارن جي آواز ٻڌڻ، سندن خيالن کي اهميت ڏيڻ ۽ سندن مستقبل بابت فيصلن ۾ کين شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مقررین چيو ته 20 نومبر 1959ع تي گڏيل قومن جي اداري ٻارن جي حقن بابت پڌرنامو منظور ڪيو، جڏهن ته 20 نومبر 1989ع تي ٻارن جي حقن بابت عالمي ڪنوينشن منظور ڪيو ويو. سال 1990ع کان هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ٻارن جي حقن جي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. هنن وڌيڪ چيو ته عالمي ٻارن جو ڏهاڙو اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته ٻارن جو تحفظ صرف هڪ ڏينهن جي ذميواري نه، پر سال جا 365 ڏينهن جاري رهڻ گهرجي. هر ٻار کي تعليم، صحت، خوراڪ، محبت، تحفظ ۽ عزت سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. آخر ۾ هنن والدين، استادن، سول سوسائٽي ۽ سماجي ادارن تي زور ڀريو ته اهي گڏجي اهڙو معاشرو جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جتي ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رهي، ڪو به ٻار جبري پورهئي جو شڪار نه ٿئي ۽ هر ٻار کي پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جا هڪجهڙا موقعا ملن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر انفارميشن سکر غلام عباس ڳوراھو، تعليم کاتي جو ڊي اي او غلام مرتضيٰ شاهه، ٽي او طاهر احمد قريشي، سول ڊفينس سکر جو ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، رينجرز جو ڊي ايس آر عبدالوحيد گجر، سوئيٽ هوم سکر جو ڊائريڪٽر شبير احمد ميمڻ، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس جو شبير شيخ، يو سي مڪي شاهه جو چيئرمين غلام مصطفيٰ گھانگھرو، مائنز اينڊ منرل کاتي جو رسول بخش ميمڻ، تعليم کاتي جا نديم شاهه، غلام اصغر ميمڻ، زبير احمد، امان الله ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سينٽ ميري هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميناره روڊ جي استادن ۽ شاگردن پاران خصوصي طور بينڊ ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن پاران ساراهيو ويو.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ خانگي تحقيقي اداري پاران پاڪستان جو پهريون عورتن لاءِ زرعي ٻج بئنڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو
Next Article سيکاٽ ويجهو تيز رفتار ٽريلر جو موٽرسائيڪل رڪشا (ڦٽي) کي ٽڪر، نوجوان موقعي تي فوت
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين ۾ اسڪول سطح تي…

November 25, 2026

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين…

November 25, 2026

بدين لاڙ ڪيمپس بدين ۾ لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع، آءِ ٽي نمائش ۽ علمي سرگرمين جو شاندار انعقاد

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

بدين  پنهنجي جواني وطن جي دفاع لاءِ ارپيندڙ رٽائرڊ آرمي پرسن پوري قوم لاءِ قابل فخر ۽ قابل احترام آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

شڪارپور ۾ٿاڻي دائم ملڪ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ذوالفقار عرف ڪٽو ميراني کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو

            شڪارپور(رپورٽ عابدتبسم)                   شڪارپور۾ٿاڻي دائم ملڪ…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

بنا روٽ پرمٽ ۽ شيڊول جي هلندڙ غيرقانوني گاڏين خلاف ڪارروائي ٿيندي، سيڪريٽري آر ٽي اي حيدرآباد جو اعلان,

حیدرآباد۔محبوب حسین بوزدار بیوروسندھ ٽنڊوالهياررپورٽبنا روٽ پرمٽ ۽ شيڊول جي هلندڙ غيرقانوني گاڏين خلاف ڪارروائي ٿيندي، سيڪريٽري آر ٽي اي…

1 Min Read
پاڪستان

لاڙڪاڻي ۾ کوکر ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر طرفان ملتان سان واسطو رکندڙ معززن انيس احمد کوکر، شبير کوکر، فياض احمد، ظهور احمد ۽ نديم احمد کوکر جي مان ۾ آجياڻو

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ کوکر ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر طرفان ملتان سان…

1 Min Read
پاڪستان

ايس ايس پي حيدرآباد شازيب چاچڙ، حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي صدر نديم احمد صديقي سان گڏ سائيٽ صنعتي زون حيدرآباد جو دورو ڪيو،

حيدرآباد ( محبوب حسين بوزدار ) ايس ايس پي حيدرآباد شازيب چاچڙ، حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري…

3 Min Read
پاڪستان

سکر جي رهواسي حاجي محمد بخش مهر پاران ڪراچي جي بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي قرآن پاڪ رکي 7 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو

سکر(رپورث ماجد محمود) سکر ۾ متاثر شهري جو بلڊر ڏاتار خان چانڊيو خلاف 7 ڏينهن به احتجاج جاري، انصاف نه…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?