ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندڙ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن۔
پوليس موجب، ڊي آءِ خان جي درابن روڊ تي دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن تي پوليس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي۔
پوليس ٻڌايو ته اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار زخمي به ٿيو۔
ٻئي پاسي، بنون سينٽرل جيل جي گيٽ تي دهشتگردن هٿان هينڊ گرنيڊ حملو ڪيو ويو۔
پوليس موجب، حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، البت دهشتگرد فرار ٿي ويا۔
