وفاقي آئيني عدالت قيدين طرفان پي ٽي آءِ باني عمران خان جيان طبي سهولتن جي درخواستن تي اٽارني جنرل کي مدد جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ٽن قيدين جي پي ٽي آءِ باني جيان طبي سهولتون ڏيڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿي. عدالت اٽارني جنرل کي مدد جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. قيدين جي اپيلن تي ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي آئيني عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو قانون جي تشريح جو معاملو آهي، جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته پرائيويٽ اسپتال ئي ڇو؟ پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ۾ ڇو علاج نٿو ٿي سگهي.
جسٽس علي باقر نجفي چيو ته جيل مينول جو ڪهڙو فائدو، اهو ڪيئن ائين ڪري سگهي ٿو. جيل مينوئل چٽو آهي. غير مساوي رويو نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن جيل مينول تي عمل ناهي ڪرڻو ته جيل مينول جو ڪهڙو فائدو آهي. جنهن کان پوءِ وفاقي آئيني عدالت طبي سهولتن ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
