خيبر پختونخواهه ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڪارروائين دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن۔
سينٽرل پوليس آفيس موجب، پوليس ۽ سي ٽي ڊي بنون، خيبر ۽ پشاور جي ڀرپاسي واري علائقي ظاهرگڙهي ۾ ڪارروايون ڪيون، جن جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا۔
پوليس موجب، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ پڻ ملوث هئا۔
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه ڪس بائي پاس روڊ سان لڳ ناڪي ڪلي ۾ دهشتگردي جي هڪ وڏي منصوبي کي ناڪام بڻايو ويو، جڏهن ته دهشتگردن کان هٿيار ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن۔
