بدين( ڊ ر محفوظ شاه )سيراڻي روڊ: ڳوٺ عيدو چانگ جو پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار، ايس ايس بي فنڊن جي استعمال بابت سوال اٿي ويا، تعليم کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبوسيراڻي روڊ ڀرسان ڳوٺ عيدو چانگ ۾ قائم پرائمري اسڪول جي حالت انتهائي خراب هجڻ سبب شاگردن جي تعليمي سرگرمين ۽ تدريسي ماحول بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. اسڪول جي خراب حالت ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردن توڙي سندن والدين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ طرف حڪومت پاران تعليم جي بهتري، اسڪولن جي ترقي ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻئي طرف ڳوٺ عيدو چانگ جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن ۽ بهتر تعليمي ماحول کان محروم نظر اچي رهيو آهي. اسڪول جي موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسڪولن جي بهتري ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ جاري ٿيندڙ ايس ايم سي (SMC) فنڊ آخر ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿي رهيا آهن؟ جيڪڏهن اسڪولن لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ اسڪولن جي حالت ۾ سڌارو ڇو نٿو اچي؟ ڇا ايس ايم سي فنڊن جي استعمال بابت باقاعده نگراني ۽ جاچ ڪئي وڃي ٿي؟ ڳوٺاڻن ۽ والدين پاران لاڳاپيل تعليم کاتي جي اختيارين، ضلعي تعليمي آفيسرن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڳوٺ عيدو چانگ جي پرائمري اسڪول جي خراب حالت جو فوري نوٽيس وٺي اسڪول جو دورو ڪيو وڃي، ايس ايم سي فنڊن جي استعمال بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ اسڪول ۾ گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن معصوم شاگردن کي بهتر، محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول ملي سگهي.
بدين ۾سيراڻي روڊ: ڳوٺ عيدو چانگ جو پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار ايس ايس بي فنڊن جي استعمال بابت سوال اٿي ويا، تعليم کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
