ٺري ميروا (رپورٽ خادم علي سولنگي )
ٺري ميرواه : يونين ڪائونسل هنڊياري جي ڳوٺ الهوڌايو سولنگي ۾ انڊس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم زينب بلوچ صاحبه، ڪوآرڊينيٽر ربنواز بگٽي صاحب ۽ عظمت حسين سولنگي صاحب جي سهڪار سان نادرا جي موبائل ٽيم ڳوٺ پهتي، جتي علائقي جي ماڻهن جا نوان قومي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا ۽ ٻارن جا ب فارم پڻ تيار ڪيا ويا، جڏهن ته بند ٿيل بينظير ڪارڊ ٻيهر کولرائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا۔ان موقعي تي علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن سهولت مان فائدو حاصل ڪيوڳوٺ جي رهواسين عوامي خدمت جي هن قدم تي انڊس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم زينب بلوچ صاحبه، ڪوآرڊينيٽر ربنواز بگٽي صاحب ۽ عظمت حسين سولنگي صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ سندن خدمتن کي ساراهيو۔
ٺري ميرواه : يونين ڪائونسل هنڊياري جي ڳوٺ الهوڌايو سولنگي ۾ نادرا جي موبائل ٽيم ڳوٺ پهتي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
