ڪوٽ ڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي هاليپوٽو) ڪنب ۾ عوامي پريس ڪلب ڪنب جي سال 2027ع لاءِ چونڊن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي. اجلاس ۾ صحافين ۽ ميمبرن جي موجودگيءَ ۾ سال 2027ع لاءِ نئين باڊي ۽ عهديدارن جي چونڊ عمل ۾ آندي وئي.نئين چونڊيل عهديدارن ۾ ناز سولنگي صدر، علي حسن سولنگي سينيئر نائب صدر، سلمان علي نائب صدر، بادشاهه زادو گوپانگ جنرل سيڪريٽري، صفدر علي ميمڻ فنانس سيڪريٽري، مظفر علي سيال آفيس سيڪريٽري، مومن علي اڄڻ انفارميشن سيڪريٽري ۽ سائره سولنگي چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين چونڊجي ويا.جڏهن ته ڪميٽي جي ميمبرن ۾ قرة العين، دعا حسين، شاهجهان، صنم، ثمينه، عرفان مختيار گاهو، سيد امجد علي شاهه، عرفان علي لنڊ، نعيم رضا گاهو، عبدالرزاق شر، صدرالدين گوپانگ، حنيف گوپانگ، عبدالله ڪلادي، حسن علي ڪلادي، شاهد منگي، ڪپتان رجب علي ملاح، ڪاشف علي سولنگي، وحيد علي سولنگي، علي ڏنو سهاڳ، آصف علي سولنگي، مقصود علي سولنگي، مجاهد علي خاصخيلي، درشن لعل ۽ وحيد علي وساڻ شامل آهن.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ڪنب جي نئين چونڊيل صدر ناز سولنگي خطاب ڪندي چيو ته صحافت هڪ پيغمبري پيشو آهي ۽ صحافي پنهنجي وطن ۽ عوام جي امانت آهن. هن چيو ته اسان عهد ڪريون ٿا ته صحافت جي مقدس ذميواري کي نهايت ايمانداري، سچائي ۽ غير جانبداريءَ سان نڀائينداسين ۽ مظلوم عوام جو آواز بڻجي سندن مسئلا اعليٰ اختيارين تائين پهچائينداسين.هن وڌيڪ چيو ته عوامي پريس ڪلب ڪنب جا فنڊ گذريل 15 سالن کان بند پيا آهن، جنهن سبب پريس ڪلب کي مختلف انتظامي ۽ مالي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وڏي وزير سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزير اطلاعات ۽ لاڳاپيل حڪومتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عوامي پريس ڪلب ڪنب جا بند پيل فنڊ فوري طور جاري ڪري صحافين کي درپيش مسئلا حل ڪيا وڃن.آخر ۾ نئين چونڊيل باڊي ان عزم جو اظهار ڪيو ته صحافت جي اصولن تي هلندي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ويندو ۽ عوامي مسئلن کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو.
ڪنب ۾ عوامي پريس ڪلب ڪنب جي سال 2027ع لاءِ چونڊن جو انعقاد ڪيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
