• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ حڪومت معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ، عوامي خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي،سنڌ جي وڏي وزير
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ حڪومت معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ، عوامي خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي،سنڌ جي وڏي وزير

admin
Last updated: November 26, 2026 10:06 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي(رپورٽ شاھد نواز سيال)سنڌ حڪومت صوبي ۾ خانگي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ترقياتي منصوبن لاءِ مالي وسيلا گڏ ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) سان 100 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي پارشل ڪريڊٽ گارنٽي سهولت بابت مينڊيٽ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آءِ ايف سي جي وچ اوڀر، وچ ايشيا، ترڪيه، پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ريجنل وائيس پريزيڊنٽ عماد نجيب فاخوري جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ خانگي سيڙپڪاري وڌائڻ، ترقياتي منصوبن جي مالي مدد ۽ پي پي پي منصوبن ۾ عالمي مالي ادارن جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. معاهدي تي سنڌ حڪومت پاران ناڻي واري سيڪريٽري محمد اصغر ميمڻ، سنڌ پي پي پي ڪمپني جي سي اي او اسد ضامن ۽ آءِ ايف سي جي ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ، عوامي خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ بنيادي ڍانچي توڙي سماجي شعبي جي اهم منصوبن لاءِ خانگي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته تجويز ڪيل ڪريڊٽ گارنٽي سهولت سان منصوبن جا مالي خطرا گهٽجندا، قرض ڏيندڙ ادارن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ روايتي سرڪاري ضمانتن تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي ايندي. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو مقصد اهڙو سازگار مالي ماحول پيدا ڪرڻ آهي، جنهن ذريعي قابلِ عمل ترقياتي منصوبا سرڪاري قرضن تي غيرضروري بار وجهڻ کانسواءِ خانگي سرمائي سان مڪمل ڪري سگهجن. هن چيو ته آءِ ايف سي جو عالمي تجربو منصوبن جي مالي جوڙجڪ، خطرن جي ورهاست، شفافيت ۽ سيڙپڪاري جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وڏي وزير آءِ ايف سي کي سنڌ جي جاري پي پي پي منصوبن مان ٻن کان ٽن ترجيحي منصوبن جي چونڊ ڪري انهن جي تياري، فزيبلٽي، مالي جوڙجڪ ۽ سيڙپڪارن سان رابطن ۾ سهڪار ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. هن موجوده منصوبن جي نئين سر مالي بندوبست ذريعي مالي لاڳت گهٽائڻ ۽ ڊگهي مدي واري پائيداري بهتر بڻائڻ لاءِ به آءِ ايف سي جي مدد طلب ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل 100 ملين ڊالرن جي ڪريڊٽ گارنٽي سهولت چونڊيل پي پي پي منصوبن کي مالي مدد فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ ڪريڊٽ تحفظ جو ڪم ڪندي. ان تحت ضمانت جي سالياني فيس 2 سيڪڙو مان گهٽائي 1.6 سيڪڙو تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سهولت جو مدو 12 سالن تائين ۽ دستيابي جو عرصو اڍائي سالن تائين ٿي سگهي ٿو.هر منصوبي لاءِ ضمانت جي رقم ۽ ڪوريج جو تعين آءِ ايف سي جي تفصيلي جائزي کانپوءِ ڪيو ويندو.آءِ ايف سي مالي ڍانچي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ چونڊيل منصوبن جو فني، معاشي، مالي، ماحولياتي، سماجي ۽ قانوني جائزو پڻ وٺندي، جڏهن ته معاهدي تحت ضمانتي سهولت جو حتمي نفاذ لاڳاپيل منظوري سان مشروط هوندو.آءِ ايف سي جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ عماد نجيب فاخوري سنڌ حڪومت جي پي پي پي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ جديد مالي طريقا اختيار ڪرڻ واري عزم کي ساراهيندي چيو ته آءِ ايف سي سنڌ ۾ خانگي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ منصوبن جي تياري ۽ ترقي ۾ سهڪار لاءِ دلچسپي رکي ٿي. وڏي وزير ان موقعي تي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ان سهڪار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ خزانه کاتي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ سنڌ پي پي پي ڪمپني وچ ۾ ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري خزانه محمد اصغر ميمڻ ۽ پي پي پي يونٽ جي سي اي او اسد ضامن سميت آءِ ايف سي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڪنب ۾ عوامي پريس ڪلب ڪنب جي سال 2027ع لاءِ چونڊن جو انعقاد ڪيو ويو
Next Article ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي صدارت هيٺ امن امان، پوليس ڪارڪردگي ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اهم اجلاس
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بلوچ محمدن فٽبال ڪلب لاڙڪاڻو ۽ الشهباز فٽبال ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بلوچ محمدن ڪلب جي ٽيم مقرر وقت ۾ هڪ گول ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن طرفان اسپورٽس اينڊ يوٿ…

November 26, 2026

بلوچ محمدن فٽبال ڪلب لاڙڪاڻو ۽ الشهباز فٽبال ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بلوچ محمدن ڪلب جي ٽيم مقرر وقت ۾ هڪ گول ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن…

November 26, 2026

اڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي…

November 26, 2026

ادب شعبو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي سهڪار سان ڀٽائي ادبي حال ۾ سائنس جي دنيا جي وڏي نالي پروفيسر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي جو مصنوعي ذهانت سائنسي انقلاب يا انسانيت لاءِ خطرو جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو،

لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ عوامي…

November 26, 2026

ضلعي سکر ۾ پوليو کان بچاءَ جي مهم 12 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر 2026ع تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ اجلاس

سکر  (رپور ٽ احمد علي) ضلعي…

November 26, 2026

You Might Also Like

پاڪستانتازھ ترين

قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، توڙي حيدرآباد ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ڏوهن خلاف نسيم نگر چوڪ، قاسم آباد ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. احتجاج دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ضلعي صدر قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد نذير بليدي ڪئي، جڏهن ته نائب صدر بابو…

3 Min Read
پاڪستان

دادو اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي ميوزڪ ٽيچر خلاف ملازم پاران مبينا تشدد ۽ بدسلوڪي جا سنگين الزام، متاثر ملازم عابد علي ڪوريچو پي سي يو پريس ڪلب دادو ۾ پريس ڪانفرنس

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)دادو اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي ميوزڪ ٽيچر خلاف ملازم پاران مبينا تشدد ۽ بدسلوڪي جا…

2 Min Read
پاڪستان

پنجاب اي آءِ جي دور ۾داخل ٿي رهيو آهي، خيبر پختونخوا پٿر جي دور ۾ آهي: مريم نواز

ساھيوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اڄ پنجاب هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) جي…

3 Min Read
پاڪستان

فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو

راولپنڊي چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو.آءِ…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?