ڪراچي (رپورٽ شاھد نواز سيال )عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايسٽ زون پوليس ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري اينڊ ڊائگناسٽڪ سينٽر جي گڏيل سهڪار سان هِل پارڪ، بلاڪ 6، پي اي سي ايڇ ايس ڪراچي ۾ آگاهي واڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عورت پوليس آفيسرن، ليڊي ڪانسٽيبلز، ڊاڪٽر عيسيٰ ليب جي آمنه فاروق، عبدالروف صديقي ۽ ٻين عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڊاڪٽر فرخ علي جي سهڪار ۽ اي ايس پي ندا جنيد جي ڪوششن سان عورتن جي تحفظ ۽ مدد لاءِ خاص پائلٽ منصوبو ”رسائي (RASAI 15)” متعارف ڪرايو ويو.منصوبي تحت ايسٽ زون ۾ عورتن کي پيش ايندڙ هراسان ڪرڻ، گهريلو تشدد، جنسي حملن ۽ عورتن خلاف ٻين ڏوهن جي شڪايتن تي ”رسائي 15“ يونٽ ڪارروائي ڪندو، جڏهن ته انهن سمورن ڪيسن کي صرف عورت پوليس آفيسر ئي ڏسنديون، جيئن متاثر عورتون بنا ڪنهن خوف ۽ هٻڪ جي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن.آگاهي واڪ جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ”هاڻي ڊڄڻو ناهي“ جو پيغام ڏنو. مقررين چيو ته هن واڪ جو مقصد عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي ته سنڌ پوليس عورتن جي تحفظ لاءِ سندن ساٿ ۾ بيٺل آهي ۽ عورتن خلاف ڪنهن به قسم جو تشدد برداشت نه ڪيو ويندو.واڪ ۾ ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري اينڊ ڊائگناسٽڪ سينٽر جي چيف آپريٽنگ آفيسر ڊاڪٽر ناديا فرحان عيسيٰ پڻ خاص طور شرڪت ڪئي ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ سنڌ پوليس جي هن قدم کي ساراهيو.اي ايس پي ندا جنيد چيو ته ”رسائي“ ٽيم جو مقصد عورتن کي هنگامي حالتن ۾ فوري مدد فراهم ڪرڻ آهي. عورتون ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ 15 تي ڪال ڪن، سندن ڪال تي خاص تربيت يافته ليڊي پوليس آفيسر فوري طور مدد لاءِ پهچنديون.
ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڊاڪٽر فرخ علي چيو ته ”محفوظ عورتون، محفوظ معاشرو“ اسان جو نعرو آهي ۽ ايسٽ زون ۾ عورتن جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايسٽ زون پوليس ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري اينڊ ڊائگناسٽڪ سينٽر جي گڏيل سهڪار سان هِل پارڪ، بلاڪ 6، پي اي سي ايڇ ايس ڪراچي ۾ آگاهي واڪ منعقد ڪئي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
