سنڌ جي وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجر جو چوڻ آهي ته ڪچي وارن علائقن ۾ اڄ کان وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وزير داخلہ چيو ته ڪچي ۾ وڏو آپريشن شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪي ڌاڙيل پاڻ کي چيمپيئن سمجهن ٿا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي موقعو ڏنو ويندو۔
هن چيو ته هن وقت آپريشن ۾ فوج جي ضرورت ناهي، سنڌ پوليس سان گڏ رينجرز به آپريشن ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي پنجاب پوليس جي مدد به ورتي ويندي، ۽ ڌاڙيلن کي مڪمل طور نيست و نابود ڪيو ويندو۔
وزير داخلہ سنڌ وڌيڪ چيو ته هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به حفاظتي ڪانواءِ نه هلي رهي آهي، ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو۔
