اسٽيپ فائونڊيشن طرفان سنڌي ثقافت جي رنگن سان سينگاريل هڪ شاندار، باوقار ۽ يادگار ثقافتي محفل جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي روايتي مهمان نوازي، ثقافتي قدرن، لوڪ روايتن ۽ تهذيبي رنگن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو ويو. تقريب دوران سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ روايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻارن پاران پيش ڪيل خوبصورت ٽيبلوز، ثقافتي انداز ۾ تقريرون ۽ لوڪ رنگن جون پيشڪشون محفل کي وڌيڪ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
خاص طور تي ٻارن اجرڪ پائي شرڪت ڪئي، جنهن سان سڄو ماحول ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو. مقررين پنهنجي خطابن ۾ چيو ته سنڌي ثقافت محبت، امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو پيغام ڏئي ٿي ۽ اهڙين ثقافتي ميلن جي اهتمام سان نئين نسل کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن سان جوڙڻ ۾ مدد ملي ٿي. هنن اسٽيپ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ثقافت جي فروغ لاءِ هڪ مثبت، قابلِ تحسين ۽ قابلِ تقليد قدم قرار ڏنو.
تقريب جي مهمانِ خاص اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو هئي. پروگرام ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي ميمبرن حيدر علي منگريو، فهيم علي ميراني، احسان علي مهر، جاويد احمد ميراني، نويد ميراني، ڪامران کوسو ۽ ياسين گڊاني خاص شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سکر نيشنل پريس ڪلب رجسٽرڊ جي صدر *تاج محمود رند، سينيئر صحافي **ساحل جوڳي، **دانش راجپوت، *مسلم ليگ (ن) جي صدر *خورشيد ميراني، **عبدالفتح ابڙو، طاهر مغل، سليم جاگيراني، *حرا اسڪول جون عورت استانيون ۽ ٻارن جو وڏو انگ پڻ موجود هو۔
