ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ(بي سي سي آءِ) نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. دوري دوران ڀارت ٽي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن سيريز کانپوءِ نيوزيلينڊ خلاف پنج ون ڊي ۽ ٻه ٽيسٽ ميچون کيڏندو.
پهرين ٽن ون ڊي ميچن لاءِ شُبمَن گِل کي ڪپتان ۽ شرياس اَئيَر کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
اسڪواڊ ۾ روهت شرما، ويرات ڪوهلي، ڪي ايل راهول، نتيش ڪمار ريڊي، اڪشر پٽيل، نمن ڌير، انشول ڪمبوج، گرنور برار، رتوراج گائيڪواڙ، ارشديپ سنگهه، ايشان ڪشن، محمد سراج، پراسيڌ ڪرشنا ۽ ڪُلديپ يادَو شامل آهن.
چوٿين ۽ پنجين ون ڊي لاءِ شرياس اَئيَر ڪپتان هوندو، جڏهن ته ايشان ڪشن نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ان اسڪواڊ ۾ روهت شرما، ويرات ڪوهلي، تلڪ ورما، نتيش ڪمار ريڊي، اڪشر پٽيل، نمن ڌير، عاقب نبي، گرنور برار، رتوراج گائيڪواڙ، ارشديپ سنگهه، ڪمار ڪشاگر، محمد سراج، يش ٺاڪر ۽ ڪلديپ يادَو شامل آهن.
ٽيسٽ ٽيم جي قيادت به شُڀمَن گل ڪندو، جڏهن ته ڪي ايل راهول نائب ڪپتان هوندو.
ان کانسوءِ ٽيم ۾ يشسوي جئسوال، ديو دت پڊيڪل، رشڀ پنت، ڌرو جُريل، رويندرا جاڙيجا، انشول ڪمبوج، جسپريت بمرا، پراسيڌ ڪرشنا، آڪاش ديپ، ساءِ سدرشن، نتيش ڪمار ريڊي، واشنگٽن سُندر، ڪلديپ يادَو ۽ محمد سراج شامل آهن. پراسيڌ ڪرشنا ۽ رشڀ پنت جي شموليت فٽنيس ڪليئرنس سان مشروط آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 4 نومبر تي آڪلينڊ، ٻي 7 نومبر تي ويلنگٽن، ٽين 10 نومبر تي هيملٽن، چوٿين 13 نومبر ۽ پنجين 15 نومبر تي مائونٽ مونگنوئي ۾ کيڏي ويندي، هڙئي ون ڊي ميچون ڀارتي وقت موجب صبح 7:30 وڳي شروع ٿينديون.
ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ 19 نومبر تي ويلنگٽن ۽ ٻي ٽيسٽ 27 نومبر تي ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي.
نيوزيلينڊ دوري لاءِ ڀارتي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جو اعلان، شُڀمَن گِل ڪپتان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
