ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) دٻاءُ ۾ اچي تنگ نظري جو مظاهرو ڪندي فلم اسٽار شاهه رخ خان جي ملڪيت واري فرنچائز ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) کي بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي رليز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي۔
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل 2026 مان رليز ڪرڻ بابت چيو آهي۔
ديواجيت سائڪيا موجب، هر پاسي ٿيندڙ تازي صورتحال کان پوءِ بي سي سي آءِ فرنچائز ڪي ڪي آر کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي رليز ڪري۔
ديواجيت سائڪيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ طرفان اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن متبادل رانديگر گهريو ويو ته ان جي اجازت ڏني ويندي۔
واضح رهي ته بنگلاديشي ڪرڪيٽر کي ڪي ڪي آر ۾ شامل ڪرڻ تي شاهه رخ خان کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔
آءِ پي ايل ٽيم ڪي ڪي آر ۾ مستفيض الرحمان کي شامل ڪرڻ تي مهاراشٽرا ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو هو، جڏهن ته سياستدانن به شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو۔
ياد رهي ته ڊسمبر ۾ ٿيل نيلامي دوران ڪي ڪي آر مستفيض الرحمان کي 9.2 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ حاصل ڪيو هو۔
