لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بابت ٿيل اجلاس دوران مختلف ڊپارٽمينٽن سالياني فيس ڏيڍ ڪروڙ رپيا مقرر ڪرڻ تي سخت اعتراض ڪندي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ڊپارٽمينٽن جي نمائندن موقف اختيار ڪيو ته هو اڳ ئي پنهنجي ٽيمن جا سمورا خرچ، جن ۾ رانديگرن جون پگهارون، تربيت، سفر، رهائش ۽ ٻين انتظامن جا خرچ شامل آهن، پاڻ برداشت ڪن ٿا، تنهن ڪري سالياني فيس ۾ ايترو وڏو اضافو غير مناسب آهي.
شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي واڌاري لاءِ ادارا اڳ ئي وڏي مالي ذميواري نڀائي رهيا آهن، تنهن ڪري اضافي فيس لاڳو ڪرڻ سان ڪيترن ئي ادارن لاءِ ٽورنامينٽن ۾ شرڪت جاري رکڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو.
ذريعن مطابق ڊپارٽمينٽن جي سخت تحفظات کان پوءِ پي سي بي اختيارين معاملي جو نئين سر جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته پهرين مجموعي خرچن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو ۽ ڏٺو ويندو ته ڪهڙن معاملن ۾ خرچ گهٽائي سگهجن ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خرچن ۾ ممڪن گهٽتائي بابت جائزي کان پوءِ ئي سالياني فيس بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، جيئن اهڙو حل ڳوليو وڃي جيڪو پي سي بي ۽ ڊپارٽمينٽن ٻنهي لاءِ قابل قبول هجي.
ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ پاڪستان ۾ گهڻي عرصي کان باصلاحيت رانديگرن کي اڳتي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ڌريون اميد ظاهر ڪري رهيون آهن ته فيس بابت اهڙو متوازن فيصلو ڪيو ويندو، جنهن سان ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي.
